Tuesday , April 23 2024

مدئجي جي جوڻيجا برادري جي چئن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو، 16 خونن جو هڪ ڪروڙ 70لک رپيا ڏنڊ مقرر

 مدئجي(سنڌسماءَچار نيوز) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا برادري جي چئن ڌرين وچ ۾زمين جي مالڪيءَ تان ستن سالن کان هلندڙ  خوني تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪيو ويو. ايم اين اي غوث بخش مهر ۽ محمد خان جوڻيجو جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ چئني ڌرين تي 16 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي ۾ ايم پي اي خورشيد جوڻيجو،ايم پي اي عزيز احمد جوڻيجو،اظهر ڪماريو،ممتازجوڻيجو،امتياز جوڻيجو ڌرين جي امينن طور شرڪت ڪئي.

جرڳي جي سرپئنچن، مشيرن ۽ امينن ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد فتويٰ ڏني وئي. جرڳي جي فتويٰ موجب سمورين ڌرين جي متفق هجڻ بعد غلام اڪبر مهر پڙهي ٻڌائي جنهن موجب  16 خون ثابت ٿيڻ  تي ڌرين مٿان مجموعي طور هڪ ڪروڙ ستر لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،جنهن ۾ غلام رسول جوڻيجو جي ڌر مٿان 7 خون ۽ 5 زخمي ثابت ٿيڻ تي 72 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي ۾ مور جوڻيجو جي ڌر مٿان غلام رسول جوڻيجو جي ڌر جا 5 خون ۽ 5 زخمي ثابت ٿيڻ تي 57 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. احمد الدين جي ڌر جا ٻه قتل ثابت ٿيڻ جا ويهه لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. فيصلي بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو.

جرڳي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خوني تڪرار جو ڪارڻ بڻيل زمين جو قبضو مور جوڻيجو واري ڌر حوالي ڪيو ويو. باقي ڌرين جي وڌيڪ ٿيل نقصان جو تفصيلن لاءِ ايندڙ هفتي خورشيد جوڻيجو،امتيازجوڻيجو ۽ اظهر ڪماريو ڌرين وٽ پهچي بيان ٻڌڻ بعد نبيرو ڪيو ويندو،ٻئي طرف جرڳي دوران سيڪيورٽي جا ڪي به جوڳا اپاءَ نه ڪيا ويا هئا..فيصلي بعد ڌرين توڙي علائقي جي ماڻهن ۾ خوشي واري لهر ڇائنجي وئي آهي،فيصلي جي آخر ۾ خوشحالي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *