Friday , March 29 2024

مخدوم خاندان ۽ پ پ وچ ۾ اختلاف مڪمل طور ختم ناهن ٿيا: سيد قائم علي شاهه

حيدرآباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، پيپلز پارٽي ۽ مخدوم خاندان وچ ۾ هلندڙ اختلاف مڪمل طور تي ختم ٿي ناهن سگهيا، انڪري وٽن هلي آياسين. هالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو ته اميد آهي ته جلد سمورا معاملا نبرجي ويندا. سنڌ جي اڳوڻ ي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ وفد پ پ سان ناراض اڳواڻ مخدوم جميل الزمان جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس ملاقات ڪئي، وفد ۾ مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به شامل هئا. ملاقات دوران مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ سان هلندڙ اختلافن واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، مخدوم جميل الزمان سان ملاقات دوران مختلف معاملن تي ڳالهيونٿيون آهن جيڪي بهتر ۽ سٺي ماحول ۾ ٿيون، پ پ جمهوري پارٽي آهي، اختلاف راءِ رکڻ هرڪنهن جو جمهوري حق آهي. قائم علي شاهه اڻسڌي طرح ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته، مخدوم خاندان ۽ پ پ وچ ۾ هلندڙ اختلاف مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيا.  ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هو هو ته، قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم جميل الزمان سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ سروري جماعت جي اميدوارن کي پ پ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻائڻ وارو معاملو به شامل هيو. هن چيو ته جيڪي حل طلب معاملا هيا انهن تي 80 سيڪڙو ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن، صرف هڪ معاملو منجهيل آهي، جيڪو سڀاڻي تائين حل ٿي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *