Friday , March 29 2024

مخالف ڌر پاران پنهنجو وزيراعظم چونڊرائڻ جو اعلان

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) نون ليگ جي ميزباني هيٺ ٿيل مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ گڏيل مخالف ڌر پاران پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي چونڊ ۾ عمران خان جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو اعلان، اسپيڪر پ پ ۽ ڊپتي اسپيڪر لاءِ ايم ايم اي جو اميدوار ميدان ۾ آڻڻ جو اعلان. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين جماعتن ايوان ۾ حلف کڻڻ ۽ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اپوزيشن جماعتن وزيراعظم جو اميدوار نون ليگ، اسپيڪر پيپلزپارٽي ۽ ڊپٽي اسپيڪر ايم ايم اي مان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ نون ليگ اڳواڻ اياز صادق جي گهر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته، وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي  چونڊن کانپوءِ واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، نون ليگ، ايم ايم اي، اي اين پي ۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اي پي سي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن شرڪت نه ڪئي. اپوزيشن جي اهم اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي شرڪت جا امڪان هئا پر سندن جاءِ تي پ پ وفد شرڪت ڪئي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون جماعتون ايوان ۾ وينديون ۽ پارليامينٽ تي لعنتون وجهندڙن جو اتي ئي مقابلو ڪيو ويندو. اي پي سي ۾  وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ لاءِ 16 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي.آل پارٽيز ڪانفرنس بعد اي پي سي جي 16 رڪني ڪميٽي جو اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم لاءِ اميدوار نون ليگ، اسپيڪر لاءِ پيپلزپارٽي ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ايم ايم اي جو اميدوار هوندو.

ڪميٽي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مخالف جماعتن طرفان اپوزيشن ليڊر لاءِ گڏيل اميدوار سامهون آندو ويندو.آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جوڙيل 16 رڪني ڪميٽي ۾ مشاهد حسين سيد، سعد رفيق، احسن اقبال، شيري رحمان، قمر الزمان ڪائرا، غلام احمد بلور، ميان افتخار حسين، مولانا عبدالغفور حيدري، رضا محمد رضا، عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻيا شامل آهن. اجلاس جي ڪارروائي بابت ٻڌائيندي نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته مولانا فضل الرحمان سيمت سمورين جماعتن پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته سمورين سياسي جماعتن 16 رڪني ڪميٽي بڻائي آهي جيڪا ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندي، اسان پارليامينٽ تي لعنت موڪليندڙن کي آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين، پي ٽي آءِ وارن کي ٻڌائينداسين ته اصل اپوزيشن ڇا هوندي آهي. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته سمورين جماعتن ايوان ۾  وڃي حلف کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايوان وڃي ڪٺ پتلي حڪومت جو سخت مقابلو ڪنداسين. شيري رحمان چيو ته ڪجهه نقطن تي سمورين جماعتن اتفاق ڪري ورتو آهي. شيري رحمان جو چوڻ هو ته اپوزيشن جماعتن گڏيل فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم جو اميدوار نون ليگ مان هوندو، اسپيڪر لاءِ پ پ ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ايم ايم اي پنهنجو اميدوار ميدان ۾ لاهيندي.

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته اپوزيشن جماعت جعلي اليڪشن کي رد ڪندي ايوانن جي اندر ۽ ٻاهر سخت احتجاج جو به فيصلو ڪيو آهي. شيري رحمان چيو ته سموريون اپوزيشن جماعتون پارليامينٽ ۾ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنديون، 16 رڪني ڪميٽي ٽي او آرز جوڙيندي، هر جماعت پنهنجو پنهنجو  وائٽ پيپر جاري ڪنديون. اي اين پي اڳواڻ افتخار حسين جو چوڻ هو ته اسان اپوزيشن جي حيثيت سان نه پر جارحاڻي پوزيشن لاءِ پارليامينٽ وڃي رهيا آهيون.ان موقعي تي ايم ايم اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته سمورين جماعتن چونڊن نتيجن کي رد ڪيو آهي، اسان ايوان اندر ۽ ٻاهر سخت احتجاج ڪنداسين، متحد ٿي آئين ۽ جمهوريت جي حفاظت ڪئي ويندي. پريس ڪانفرنس دوران نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏيون جماعتون به چونڊن جي هڪ هفتي بعد به چونڊ نتيجن کي رد ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسان گڏيل طور پارليامينٽ اندر ڪٺ پتلي حڪومت کي شڪست ڏينداسين، اليڪشن ۾ ڌانڌلي پاڪستان جي بنياد تي حملو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *