Thursday , April 25 2024

متحده؛منتشر قومي موومينٽ بڻجي وئي آهي،فاروق ستار کي پارٽي ڇڏڻ گهرجي: ناصر شاهه

سکر ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم کي منتشر قومي موومينٽ بڻجي وئي آهي، هاڻي فاروق ستار کي نيڪ صلاح آهي ته متحده کي بچائڻو آهي ته هاڻي ان کان ڌار ٿي وڃي. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سينيٽ جي چونڊن بعد فاروق ستار لڳاتار الزام هڻي رهيو آهي ته پ پ ميمبرن جو سودو ڪيو آهي، فاروق ستار مٿن الزام هڻڻ کان اڳ  پنهنجي گريبان ۾ ڏسي ته هن هڪ شخص جي ڪري شهيدن ۽ جيل ۾ پيل ڪارڪنن جي قربانين جو سودو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪو ٻڌائي ته ڪامران ٽيسوري کيس ڇاهي ڏنو، جنهن ڪري هن سڄي پارٽي کي ڀڃ ڊاھ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ناصر شاهه چيوته متحده ۾ انتشار جو فائدو پ پ کي مليو ۽ ان جون سيٽون وڌيون آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان هڪ پارٽي جو اڳواڻ آهي جتان چاهي چونڊ وڙهي سگھي ٿو،  کيس دعوت آهي ته هو ڪراچي ته ڇاپر سکر مان به چونڊ وڙهي ته جئين کيس سچ ۽ پنهنجي حيثيت جو اندازو ٿي سگھي. هن چيوته پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان ڪلين سويپ ڪندي ۽ پنجاب ۾ به مقبوليت ماڻيندي. سندس چوڻ هو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ۾ سينيٽ جي چيئرمين واري مامري تي ڪوبه رابطو ناهي ٿيو. ناصر شاهه چيوته سينيٽ جو چيئرمين پ پ ۽ اتحادين جو ٿيندو، پوءِ اهو رضا رباني هجي يا ڪو ٻيو، اهيوثابت ٿي چڪو آهي ته ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري. هن چيو ته نواز شريف هاڻي عوام کي مجھي ڪيون نڪالا بدران مجھي اس لئي نڪالا ٻڌائي ۽ اقامي بجاءِ سچ ٻڌائي. هن چيو ته گھوٽڪي ۾ پارٽي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پارٽي چيئرمين ۽ ڪو چيئرمين ضرور ڪاروائي ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *