Friday , March 29 2024

مبارڪون! سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ٻين صوبن جي وڏن وزير کان وڌيڪ شاهوڪار نڪتو، وزير اعظم وٽ ٽريڪٽر به آهن،عمران خان 4 لکن جي ٻڪرين جو مالڪ

murad-ali-shah1

سنڌ واسين کي مبارڪون هجن، سندن صوبي جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شاهوڪار ظاهر ٿيو آهي. بلوچستان جو وڏو وزير سڀني کان غريب آهي. عمران خان جون 4 ٻڪريون 4 لکن، نجي جاهز ۾ سفر ڪندڙ وٽ پنهنجي گاڏي ڪونهي. وزيراعظم وٽ 2 ٽريڪٽر به آهن.

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران گوشوارن جي جاري ڪيل تفصيلن موجب وزيراعظم نواز شريف 3 گاڏين ۽ 2 ٽريڪٽرن جو مالڪ آهي.

پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان وٽ پنهنجي استعمال لاءِ ڪابه ذاتي گاڏي ناهي، اهڙي طرح جهانگير ترين پنهنجي گوشوارن ۾ هيليڪاپٽر يا جهاز جو ذڪر ناهي ڪيو، سندس استعمال ۾ 5 گاڏيون آهن، وزيراعظم جي ناٺي ڪيپٽن صفدر مريم نواز کي 60 لک رپين جي ماليت جي يو اي اي مان مليل گاڏي به اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وٽ هڪ ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جون 2 گاڏيون آهن، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف هڪ ڪروڙ 45 لک رپين جي لينڊ ڪروزر جو مالڪ آهي.

Jahangir taren & ImranPervez Khattak

اليڪشن ڪميشن پاران مختلف سياستدانن جي ملڪيتن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن پاران اي سي پي وٽ جمع ڪرايل ملڪيتن جي تفصيلن مطابق سيد مراد علي شاھ 31 ڪروڙ رپين جي ماليت کان وڌيڪ جي ملڪيت جو مالڪ هجڻ سان  ٽنهي صوبن جي وڏن وزيرن کان شاهوڪار ظاهر ٿيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيلن موجبپنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وٽ پاڪستان ۾ ساڍا 4 ڪروڙ رپين جي جائيداد آهي، وٽس 2 ڪروڙ 76 لک رپين جو بئنڪ بيلنس آهي. هن هڪ ڪروڙ 45 لک رپين جي سيڙپڪاري به ڪئي آهي.

Shabaz & Nawaz

شهباز شريف جو لنڊن ۾ فليٽ آهي، جنهن جي ڪل رقم 12 ڪروڙ 45 لک رپيا آهي. اهڙي طرح بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري جو بئنڪ بيلنس ساڍا 3 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جا ڪل اثاثا 27 ڪروڙ 27 لک رپين کان وڌيڪ آهن، گوشوارن موجب پرويز خٽڪ پرڏيهه ۾ ڪابه ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي.

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب وزيراعظم نواز شريف وٽ 70 لک رپين جو فرنيچر ۽ 50 لک رپين جي ماليت جا جانور ۽ پکي آهن، جڏهن ته عمران خان وٽ 6 لک رپين جو فرنيچر ۽ 2 لک رپين جون 4 ٻڪريون به آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *