Thursday , April 25 2024

”مبارڪون جناب سليڪٽيڊ وزيراعظم” عمران خان انهن جو به وزيراعظم آهي جن کي هن گڏهه چيو“: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل وزيراعظم کي مخطاب ڪندي چيو آهي ته، “ عمران خان انهن جو به وزيراعظم آهي جن کي هن زنده لاش، گڏهه ۽ جانور به چيو هو. بلاول وزيراعظم عمران خان  تي ٺٺول ڪندي چيو ته، “ سليڪٽيڊ وزيراعظم مبارڪون”.  وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پهرين خطاب ۾ چيو ته، اسان کي اميد آهي ته عمران خان انتقام ۽ تعصب جي سياست نه ڪندو. پنهنجي انتهاپسندي واري پاليسي کي تبديل ڪندو. هن چيو ته، پاڪستان ۾ جمهوريت سخت چئلينجز کي منهن ڏئي پئي، عمران زنده لاشن سميت انهن جو به وزيراعظم آهي جنهن کي هن گڏهه ۽ جانور چيو هو. چونڊن ۾ بي ضابطگين جي ڊگهي لسٽ شرم جوڳي آهي، سمورين جماعتن چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي، فارم 45 نه نڪرڻ، آر ٽي ايس سسٽم جو فيل ٿيڻ ۽ پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍڻ شرم جوڳو عمل آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي يقين آهي ته نئين حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائيندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن. هن چيو ته عمران عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، ڏسون ٿا ته هو پنهنجي 100 ڏينهن واري پروگرام تي ڪيئن عمل ڪري ٿو، ان بابت به قوم کي ٻڌائڻو پوندو. پ پ چيئرمين چيو ته، عمران خان عوامي مفادن کي پنهنجو مقصد بڻايو ته سندس ڀرپور ساٿ ڏينداسين ۽ اميد ڪيان ٿو ته نئين حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائيندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي پنهنجو پهريون خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايوان ۾ اپوزيشن جو احتجاج سندن جمهوري حق آهي، پر عوام ايوان ۾ تماشو پسند نه ٿو ڪري، اهڙي تماشي سان قوم ۾ مايوسي پيدا ٿيندي. هن چيو ته عمران خان ڪنهن مخصوص جماعت نه پر سموري ملڪ جو وزيراعظم آهي، اميد آهي ته هو ماضي جي نفرت واري سياست کي ٿڏي اڳتي وڌندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، ڏسون ٿا ته هو پنهنجي 100 ڏينهن واري پروگرام تي ڪيئن عمل ڪري ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان عوامي مفادن کي پنهنجو مقصد بڻايو ته سندس ڀرپور ساٿ ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *