Wednesday , April 24 2024

”مان صديءَ جو سڀ کان وڏو سياسي ليڊر آهيان“: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، جيڪڏهن يوٽرن وٺڻ وڏي ليڊر هجڻ جي نشاني آهي ته پوءِ مان، هن صديءَ جو سڀ کان وڏو ليڊر آهيان. ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات بعد بلاول ڀٽو زرداري تي پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران تنقيد جي جواب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته، جيڪڏهن نئين پاڪستان ۾ يوٽرن وٺڻ جو مطلب عظيم ليڊر بڻجڻ آهي ته پوءِ  مان ته هن صديءَ جو عظيم ۽ سڀ کان وڏو ليڊر بڻجي ويو آهيان. بلاول ڀٽو نواز شريف سان ملڻ تي يوٽرن جو طعنو ڏيڻ تي فواد چوڌري کي جواب ڏيندي چيو ته پهريان انسان ٿيو پوءِ سياستدان، انسانيت سياست کان مٿانهين آهي، ڪنهن جي تيمارداري کي عيادت تائين ئي رکڻ گهرجي، ياد ناهي جڏهن عمران خان ڪريو هو ته نواز شريف سندس عيادت ڪئي هئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن تي فواد چوڌري چيو هو ته بلاول نواز شريف سان ملاقات ڪري هلندڙ صدي جو سڀ کان وڏو يوٽرن ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *