Thursday , March 28 2024

ليبر کاتي جي سيڪريٽري رشيد سولنگي، اسپيشل سيڪريٽري تعليم سيد ذاڪر جو مستقبل ڇا ٿيندو…؟

Rasheed solangi secretaryعبدالرشيد سولنگي-سيڪريٽري ليبر

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي 10 آفيسرن جي غيرقانوني ترقين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت آفيسرز کي رٽائرمينٽ وٺڻ جي تجويز ڏيندي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو رٽائر نٿا ٿين ته کين واپس اسٽينو گرافر جي عهدي تي موڪليو ويندو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 10آفيسرن جي غيرقانوني ترقين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل آفيسر اسٽينو گرافر مان ترقي ڪري سيڪريٽري ليول تي پهتا آهن. ٻڌڻي دوران عدالت گورنر جي سيڪريٽري اختر غوري کان پڇيو ته سندس اصل مقرري ڪٿي ٿي هئي، جنهن تي اختر غوري عدالت کي ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ اسٽينو گرافر ڀرتي ٿيو هو، ان وقت جي وڏي وزير جي صوابديدي تي کيس سيڪشن آفيسر ڪيو ويو ۽ هن سان گڏ ٻين جي ترقي ٿي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪو به اسٽينو گرافر سيڪشن آفيسر نٿو ٿي سگهي، عدالت جي فيصلي تي عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي.

Syed Zakirسيد ذاڪر اسپيشل سيڪريٽري تعليم

عدالت گورنر جي سيڪريٽري اختر غوري، ليبر سيڪريٽري رشيد سولنگي ۽ اسپيشل سيڪريٽري تعليم سيد ذاڪر سميت مختلف کاتن جي ٽن ايڊيشنل سيڪريٽريز کي رٽائرمينٽ وٺڻ جي تجويز ڏني. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن آفيسر رٽائر نٿا ٿين ته کين واپس اسٽينو گرافر جي عهدي تي موڪليو ويندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ڄاڻايل آفيسرن جا پروفائيل طلب ڪري ورتا آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *