Saturday , April 20 2024

لياري ايڪسپريس وي پهرين جنوري 2018 تائين مڪمل نه ٿيو ته معاملو نيب کي اماڻينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري ايڪسپريس وي منصوبو پهرين جنوري 2018 تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام جي ڀلائي وارو ڪو ته منصوبو وقت تي مڪمل ڪيو وڃي، لياري ايڪسپريس وي جنوري تائين مڪمل نه ٿيو ته معاملو نيب کي موڪلي سگهجي ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لياري ايڪسپريس وي منصوبي جي متاثرين کي معاوضو ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت رمارڪس ڏنا ته منصوبو 2003 ۾ مڪمل ٿيڻو هو، جنهن جو خرچ 3 ارب رپيا هو پر هاڻ 23 ارب رپين تي وڃي پهتو آهي، ان جي باوجود به مڪمل ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن منصوبو وقت تي مڪمل ٿي ها ته اڄ نفعي ۾ هلي ها، خدا جي واسطي ڪڏهن ته عوام جي به ڀلائي لاءِ ڪو منصوبو وقت تي مڪمل ڪري وٺندا ڪيو. جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت جو ڪو به منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ناهي ٿيندو، هر ڏينهن شڪايتي درخواستون ملن ٿيون، جيڪڏهن هاڻ به منصوبا وقت تي مڪمل نه ٿيا ته جاچ لاءِ معاملو نيب کي موڪلي ڇڏينداسين. جسٽس عرفان سعادت وڌيڪ چيو ته وڏي وزير آگسٽ ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جو چيو هو، پر روڊ تي ڪم بند آهي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي ٻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *