Tuesday , March 19 2024

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن جي رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ پريس ڪلب آڏو ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن گل ڪورائي، قادر ڪرد، گل محمد بلوچ، بخت سولنگي، فاروق سولنگي چيو ته رائيس ملز جي پورهيتن کي بنيادي حق به نه ٿا ڏنا وڃن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت پورهيتن کي  اِي او بي آءِ ڪارڊ ٺاهي نه پيا ڏنا وڃن ۽  پينشن ڪيس فوتي مزدورن جي بيواهن جي نالي نه نه پيو ڪيو وڃي. وطن دوست مزدور فيڊريشن جي ڪارڪنن هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.  هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سميت ٻين شهرن جي رائيس ملز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت بنيادي سهولتون کان محروم آهن. هنن چيو ته کين اِي او بي آءِ ڪارڊ ٺاهي نه ڏنا پيا وڃن جنهن لاءِ 15 سال ڪم ڪرڻ جو شرط رکيو ويو آهي اهڙي عمل سان ڪيترن ئي پورهيتن جو حق ڦٻائجي ويندو. فوتي پورهيتن جي بيواهن جي نالي تي پينشن ڪيس منتقل ٿي نه سگهيا آهن جنهن ڪري انهن جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن جائز مسئلا فوري طور حل ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

رتو ديرو جي ڊاڪٽر جي لاپرواهي، نينگر جي حياتي بچائڻ لاءِ ٻانهن ڪاٽي وئي،سڄي حياتي لاءِ معذور

لاڙڪاڻو( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتو ديرو جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا لاپرواهي جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *