Wednesday , April 24 2024

لاڙڪاڻي ۾ نشي ۾ ڌت ٿي گاڏي هلائيندڙ ايس ايڇ او ٻن ڄڻن جي قتل ۾ گرفتار

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ويجهو نشي ۾ ڌت ايس ايڇ او علي مرتضيٰ چانڊيو گاڏي جو ٽڪر هڻي ٻن نوجوانن جون حياتيون کيس 6 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس فوتين جي احتجاج بعد پٽي ڀائي کي ٻڌي لاڪ اپ حوالي ڪري ٻن نوجوانن جي  قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد رائس ڪئنال روڊ تي ايس ايڇ او جي ڪار روڊ تي بيٺل ماڻهن مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. گاڏي جي ٽڪر ۾ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال شعبا حادثات ۾ داخل ڪرايو.مني پيجارو سوار ۾ ايس ايڇ او علي مرتضيٰ چانڊيو کي پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او علي مرتضيٰ چانڊيو لائن حاضر هو ۽ نشي ۾ ڌت ٿي گاڏي هلائي رهيو هو. ٻن نوجوانن جي فوت ٿيڻ ۽ 6 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد وارثن ايس ايڇ او خلاف احتجاجي مظاهرو. ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او علي مرتضيٰ چانڊيو خلاف وليد ٿڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. فوتين ۾ لاڙڪاڻي شهر جي يوسف آباد جو رهواسي غلام حيدر سومرو ۽ دايو شامل آهن زخمين ۾ فياض احمد چانڊيو، نظير چانڊيو، عامر چانڊيو، مشاهد علي شاهه، احمد علي شاهه، رياض حسين بروهي شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *