Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻي ۾ دارالامان مان گهر ويندڙ عورتن تي مائٽن جي فائرنگ

لاڙڪاڻو(رپورٽر    سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد روڊ تي جوابدار مبينا طور فائرنگ ڪري زال ۽ سس کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ٿيل عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته پيرسن عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمي ٿيل پيرسن عورت چيو آهي ته ڌيءُ مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي دارالامان ۾ پناهه ورتي هئي، کيس دارالامان مان گهر وٺي پئيس ويس ته جوابدارن فائرنگ ڪري زخمي ڪيو. وليد ٿاڻي جي حد شيخ زيد روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ٻارن جي ماءُ 26 ورهين جي زينب شر ۽ سندس پيرسن امڙ خانزادي شر کي زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا. جڏهن ته زخمي عورتن کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. زخمي ٿيل پيرسن عورت چيو آهي ته سندس ڌيءُ مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي ڪجهه عرصو دارلامان ۾ پناهه ورتي هئي، جنهن بعد عدالتي حڪم تي کيس گهر وٺي پئي ويس ته نياڻَي محسن شر ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري مونکي ڌيءُ زينب شر سميت زخمي ڪيو آهي. پيرسن عورت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته فائرنگ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *