Tuesday , March 19 2024

لاڙڪاڻي ڊويزن ۾  ٻيلي کاتي جي 40 هزار ايڪڙ زمين تي بااثرن جو قبضو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻي ڊويزن اندر به ٻيلي کاتي جي 40 هزار ايڪڙ تي پيپلز پارٽي، ممتاز ڀٽو ۽ ٻين سياسي پٺڀرائي رکندڙ ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي، ٻيلي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ٻيلي کاتي جي زمينن تي ڪنهن هڪ جو نه پر سمورين سياسي پارٽين جي بااثر ماڻهن ۽ ذاتي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن ماڻهن جي قبضو ٿيل آهي، جيڪي ٻيلي کاتي جي خالي زمين سنڀالڻ وارن اصولن کي به نظر انداز ڪري رهيا آهن. ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن ۽ ٻيلن جي تباهي بابت سنڌ سماءَ چار پاران حاصل ڪيل معلومات مطابق لاڙڪاڻو ڊويزن اندر ٻيلي کاتي (ڪچي ۽ پڪي) جي زمينن تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قبضي هيٺ آهي، جنهن تي ڪيٽيون قائم ڪيون ويون آهن؛ انهن ڪيٽين ۾ ڪيٽي ممتاز ڀٽو، ڪيٽي کهڙا، ڪيٽي ٻگهيا وڏين ڪيٽين ۾ شامل آهن. ٻيلي کاتي جي هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ڪچي توڙي پڪي تي موجود ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن قبضن ۾ ڏينهون ڏين هن واڌرو اچي رهيو آهي.

لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي هنيل راتاهن بابت سنڌ سماءَ چار پاران ٻيلي کاتي ۽ ٻين ذريعن کان هٿ ڪيل ڄاڻ مطابق ڊويزن جي 14 فاريسٽري لينڊ، جن ۾ مدئجي، دوسو دڙا، شريف پور،ڀمان، نيو آباد، باگي، گجي ديرو، تاتري، گهنگهروڪ، شالاڻي، حسن وڳڻ (ڪچو ۽ پڪو) امروٽ شريف (ڪچو ۽ پڪو) جي ٻيلي کاتي جي زمينن تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بااثر ماڻهو قبضا ڪري ويٺل آهن. انهن مان اڪثر تي ٻيلا به هوندا هئا، جيڪي هاڻي ماضي جي ڪهاڻي بڻجي ويا آهن. مليل معلومات مطابق موجوده ۽ گذريل حڪومتن دوران ڏوڪري تعلقي ۾ موجود ٻيلي کاتي (ڪچي ۽ پڪي) جي زمين ڊپٽي ڪمشنرز روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت ۽ سياسي دٻاءَ ذريعي زمينن جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري کاتا ٺاهي ذاتي ملڪيتن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

ٻيلي کاتي جي عملدار ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي هڪ ڪمشنر ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ هرتو پنهنجي اختيارن جواستعمال ڪندي ڪجهه قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا. هن ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر محمد عارف خان پنجن ديهن صالحياڻي، مير خان ابڙو، مهر وڏا ۽ فريد آباد ۾ کاتي جي الاٽ ڪيل زمينن جوج الاٽمينٽس رد ڪري قبضا ختم ڪرائڻ جي رٿابندي شروع ڪئي. هن ٻڌايو ته، ڏوڪري تعليق بااثر ماڻهن ٻيلي کاتي جي آفيسرز جي ٽه-پتائي چال سان ڊي سي جي حڪمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ان ڊي سي کي تڪڙو ئي لاڙڪاڻي مان بدلي ڪيو ويو پر، دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته اُهي حڪم اڃا تائين جيئن جو تيئن پيل آهن ۽ انهن کي واپس ناهي ورتو ويو، هڪ ڊي سي جڏهن اُهي حڪم واپس وٺڻ لاءِ تياري ڪئي ته لاڙڪاڻي جي ۾ ان وقت موجود هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر مخالفت ڪئي، جنهن کي به بدلي ٿيڻو پيو ۽ ڪيترن ئي مهينن تائين پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل رهيو.

ٻيلي کاتي جي هڪ بااختيار عملدار نالي نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، هن وقت تائين ٻيلن جي تباهي ۾ صوبائي حڪومتن جو سڌو هٿ رهيو آهي، ٻيلي کاتي جون زمينون سياسي رشوت عيوض ڏئي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون آهن. انهن جو رواج ضياءَ جي مارشل لا واري دور کان باقائدگي سان شروع ٿيو ۽ اُهو اڳوڻي وڏي وزير مرحوم ڄام صادق جي دور ۾ عروج تي پهتو. هن ٻڌايو ته ٻيلي کاتي جي زمينن پوءِ اُهي ڪچي تي هجن يا پڪي انهن مان جتي جتي ٻيلا موجود هئا اتي موجود ٻيلا وڍي تباهه ڪيا ويا. ٻڌايو ته ٻيلن ۾ ٻين وڻن سان گڏ ٽالهين جا به لکين وڻ هئا اهي وڍي ”انتهائي بااثر“ ماڻهن کي گهرن جو فرنيچر، در دريون ۽ ٻيو سامان ٺهرائي تحفن ۾ طور ڏنو ويو، جنهن جي عيوض اهڙا تحفا ڏيندڙ قبضا خورن کي وڌيڪ ريليف ڏئي وڌيڪ زمينون قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *