Thursday , March 28 2024

لاڙڪاڻي مان ٽن ورهين دوران گم ٿيل ماڻهن جي فهرست جاري

لاڙڪاڻو(رپورٽر سنڌسماءَچار) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ضلعي مان ٽن ورهين دووران مختلف علائقن ۽ مختلف وقتن تي گم ٿي ويل ماڻهن جي فهرست جاري ڪندي انهن ماڻهن بابت معلومات ڏيڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آهي، ايس ايس پي جو ڍوڻ آهي ته، گم ٿيل ماڻهن بابت جيڪو به معلومات ڏيندو ان جو نالو راز ۾ رکي کين تحفظ ڏنو ويندو. ايس ايس پي مسعود بنگش لاڙڪاڻي ضلعي مان 2015کان 2018 تائين لاپتا يا  مبينا طور گم ٿيل ماڻهن جا تفصيل جاري آهن جن ۾ نئوديرو مان گم ٿيل ساحل ڪوريجو، مدينه ڪالوني واسي عاقب چانديو، وڏا ڦل واسي غلام مرتضيٰ سولنگي، احسان علي چاڪي ۽ لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني مان گم ٿيل غلام شبير ڪلهوڙ جا نالا شامل آهن. ايس ايس پي پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ چانڊڪا جي اسٽاف ڪالوني مان گم ٿيل سجاد مشوري،نظر پاڙي مان انصاف دايو،ڏوڪري جي جوڻيجا پاڙي مان شاهد علي جوڻيجو، نيو نظر پاڙي مان محمد رفيق عمراڻي، شهيد بلاول ڪالوني لاڙڪاڻو مان گم ٿيل آفتاب چانڊيو، مندراڳوٺ مان غولام مرتضِي جوڻيجو ۽ عبدالغفار چاڪي شامل آهن.  ايس ايس پي گم ٿيل ماڻهن بابت اطلاع ڏيندڙن لاءِ انعام جو به اعلان ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *