Friday , April 19 2024

لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ رُلي وئي، حالت خراب

lark market1

لاڙڪاڻي ۾ زيڊ اي ڀٽو ٽرسٽ حوالي ٿيل ڪينيڊي مارڪيٽ جو ٽاور زبون حال ٿي ويو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻي جي شاهي بازار سامهون ڪينيڊي مارڪيٽ جو پيڙهه جو پٿر تڏهوڪي پرڏيهي وزير شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 29 آگسٽ 1963ع تي رکيو هو، ساڳئي سال ۾ 38 دڪان، فليٽ توڙي هڪ گهنٽا گهر به تعمير ڪيو ويو هو، ٻڌايو وڃي ٿو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي شاهي بازار ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 18 دڪان سڙي ويا هئا، ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير هو، هن متاثر واپارين کي دڪان ٺهرائي ڏيڻ ۽ نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جي سربراهن کي اپيل ڪئي هئي، ان وقت سڀ کان وڌيڪ امدادي فنڊ آمريڪا جي تڏهوڪي صدر جان ايف ڪينيڊي ڏنا،

انهن فنڊن مان متاثر ٿيندڙ 18 واپارين جا دڪان تعمير ڪرائڻ کانسواءِ کين نقصان جي به ادائگي ڪئي وئي، انهي باوجود ڪجهه فنڊ بچي پيا، جنهن مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي جي شاهي بازار سامهون ڪينيڊي مارڪيٽ تعمير ڪرائي، جنهن ۾ 38 دڪان، فليٽس ۽ وچ ۾ گهنٽا گهر (ٽاور) تعمير ڪرايو ويو، ڪينيڊي مارڪيٽ جا انتظام سنڀالڻ لاءِ هڪ بورڊ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ ميمبر طور مولانا جان محمد عباسي، عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ۽ ٻيا شامل هئا، بورڊ پاران ڪينيڊي مارڪيٽ جي آمدني مان غريبن شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ بيواهن کي سلائي مشينون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر 1977ع ۾ جنرل ضياءَ جي راڄ ۾ لاڙڪاڻي جا انتظام سنڀاليندڙ ڪرنل مهدي ڪينيڊي مارڪيٽ جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڪينيڊي مارڪيٽ کي ميونسپالٽي لاڙڪاڻو حوالي ڪري ڇڏيو، جن پاران اهي دڪان معمولي مسواڙ تي ڏنا ويا، بعد ۾ 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي وزير اعظم ٿيڻ بعد ڪينيڊي مارڪيٽ جي حوالگي لاءِ زيڊ اي ڀٽو ٽرسٽ ٺاهيو ويو، جنهن جي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو ٿي، ساڳئي طرح ڪينيڊي مارڪيٽ جا انتظام هلائڻ لاءِ بورڊ جوڙيو ويو، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو، ڊاڪٽر اشرف عباسي، عبدالرزاق سومرو وڪيل، غلام الله ماهوٽو ۽ ٻيا ميمبر هئا، 93ع جي اليڪشن کانپوءِ ٽرسٽ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو بڻي، 88ع کانپوءِ ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ پيپلز پارٽي پاران ضلعي ۽ سٽي جي آفيس کانسواءِ ذيلي تنظيمن جون به آفيسون قائم ڪيون ويون، 1995ع ۾ پ پ (شهيد ڀٽو) پاران پڻ ساڳئي ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ پارٽي آفيس قائم ڪئي وئي، ڄاڻايل مارڪيٽ ۾ لاڙڪاڻو چيمبر جي به آفيس آهي،

 زيڊ اي ڀٽو ٽرسٽ جي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير محمد اياز سومرو جو چوڻ آهي ته، ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ مختلف پارٽين جون آفيسون آهن، جتان مسواڙ بنهه گهٽ ملي ٿي يا وري ملي نه ٿي، دڪاندار به انتهائي گهٽ مسواڙ ڏين ٿا، هن چيو ته مارڪيٽ ۽ ٽاور جي مرمت جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ تياريون ڪيون پيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *