Tuesday , April 23 2024

لاڙڪاڻي جي واپاري جو ايس ايس پي مسعود بنگش تي دوڪان تي قبضو ڪرائڻ جو الزام

لاڙڪاڻو (رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي هڪ واپاري ايس ايس پي مسعود بنگش تي الزام هنيو آهي ته، ايس ايس پي مسعود بنگش بااثر ماڻهن جي ذريعي سندس دوڪان تي قبضو ڪرايو آهي، احتجاج ڪرڻ تي هاف فراءِ ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ايس ايس پي الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. لاڙڪاڻي جي ريشم گلي جي واپاري ۽ سوناري اقبال کوکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ايس ايس پي بااثرن سان ملي ريشم گلي ۾ سندس دڪان تي قبضو ڪيو آهي.هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي ايس ايس پي مسعود بنگش هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس دڪان تي ڪيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايس پي مسعود بنگش چيو آهي ته ڪوڙا الزام لڳائيندڙ واپاري خلاف عدالت ۾ ويندس. ايس ايس پي موجب دڪان ملتان واسي پيرسن جوڙي جي ملڪيت آهي،  معاملي جي جاچ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاڻ ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *