Thursday , March 28 2024

لاڙڪاڻو: شيخ زيد اسپتال آر ايم او جي مقرري تان ڊاڪٽرز ڪرسي جي لالچ ۾ وڙهي پيا

CMC 1

 لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال ۾مقرري تان آر ايم او ڊاڪٽر قيوم راڄپر، ڊاڪٽر قيوم ميمڻ ۽ پيرا ميڊيڪل عملي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ڊاڪٽرز کي هٽائي ڊاڪٽر اختر دايو کي آر ايم اوز جي عارضي چارج ڏني وئي آهي. شيخ زيد اسپتال ۾آر ايم او ڊاڪٽر قيوم راڄپر، نئين مقرر ٿيل ڊاڪٽر قيوم ميمڻ ۽ پيرا ميڊيڪل عملي ۾جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڊاڪٽر قيوم راڄپر کي سخت مارڪٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا. جهيڙي کانپوءِ ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ ، اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود ڀٽو ۽ ڊي ايس پي يار محمد رند اسپتال پهتا ۽ ڌرين ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون. اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ آر ايم او ڊاڪٽر قيوم راڄپر ۽ ڊاڪٽر قيوم ميمڻ کي هٽائي آر ايم او جي عارضي چارج ڊاڪٽر اختر دايو کي ڏئي ڇڏي. ايم ايس ۽ ڊي ايس پي طرفان ڌار ڌار انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هفتي اندر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي. ڊاڪٽر قيوم راڄپر الزام هڻندي چيو آهي ته سندس مقرري تي ڊاڪٽر قيوم ميمڻ ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي اعتراض هئو، جنهن تان مٿس حملو ڪيو ويو.

CMC 2

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *