Thursday , March 28 2024

لاڏاڻو ڪري ويل ڊاڪٽر عمر ڪوٽ مان بدلي، ميرپور خاص ۾ مقرر

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار)  صحت کاتي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۾ سنڌ جي سمورن صوبائي کاتن کان گوءِ کڻي ويو آهي، صحت کاتي گذريل سال فوت ٿي ويل ڊاڪٽر کي عمر ڪوٽ اسپتال مان بدلي ڪري ڇڏيو آهي. صحت کاتي پاران ڊاڪٽرن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. 17 ڊاڪٽرن جي مقررين ۽ بدلين جي نوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر طالب مڱريو کي عمر ڪوٽ اسپتال مان بدلي ڪري ميرپور خاص سول اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر طالب بابت معلوم ٿيو آهي ته، ڊاڪٽر طالب گذريل سال 2 فيبروري تي لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ ان وقت هو عمر ڪورٽ اسپتال ۾ مقرر ٿيل هو. جنهن جي فوت ٿيڻ جي ڏيڍ سال کانپوءِ ڊاڪٽر طالب جي بدلي جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، سنڌ جي صحت کاتي پاران فوتي ڊاڪٽر طالب مڱريو جي پوسٽنگ ميرپورخاص ڏيکاري وئي آھي، جڏھن ته فوتي ڊاڪٽر محمد طالب جي پٽ محمد اقبال کي عمرڪوٽ اسپتال ۾ ڊيوٽي پڻ مليل آھي پر سندس بدلي نه ڪئي وئي. فوتي ڊاڪٽر طالب مڱرئي جي پٽ چيو ته کيس سندس والد جي ڪوٽا تي نوڪري ملي آهي پر صحت کاتي سندس بدلي بدران فوتي والد جو نالو لسٽ ۾ شامل ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *