Saturday , April 20 2024

لاهور جي اين اي 120 جو دنگل ن ليگ کٽي وئي،پ پ جا ووٽ وڌڻ بدران گهٽجي ويا

Yasmin & KulsoomFaisal Mir

لاهور جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ 120 جو دنگل نون ليگ کٽي ورتو آهي، نااهل ٿيل وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز 61 هزار 254 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي آهي، سندس مخالف پي ٽي آءِ جي اميدوار ڊاڪٽر ياسيمن راشد 47 هزار 66 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهي. پابندي مڙهيل هڪ تنظيم جيڪا نالو بدلائي ملي مسلم ليگ جي نالي سان سياست ڪري رهي آهي ان جو اميدوار ٽئين نمبر تي رهيو، جڏهن ته پ پ جي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي وڃڻ جا اطلاع آهن.

پانام ڪيس ۾ نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خالي ٿيل قومي اسيمبنليءَ جي سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ جا غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجا اچي ويا آهن. تڪ ڪُل 220 پولنگ اسٽيشنز جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن مطابق نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز 61 هزار 254 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي آهي. ڪلثوم نواز جي مخالف پي ٽي آءِ جي اميدوار ڊاڪٽر ياسيمن راشد 47 هزار 66 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي آئي آهي.

اين اي 120 تي هڪ ٻي اهم ڳالهه آهي ته آزاد اميدوار شيخ يعقوب کي 4 هزار 174 ووٽ مليا آهن، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته ان کي هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته ان ڳالھ اڃا تائين تصديق ناهي ٿي ته کيس پابندي مڙهيل تنظيم جي حمايت حاصل هئي.

ساڳئي تڪ تي 2013 جي عام چونڊن ۾ نواز شريف 91 هزار 666 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو ۽ سندس مخالف ڊاڪٽر ياسمين راشد 52 هزار 321 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آئي هئي.

اين اي 120 تي پيپلز پارٽي جي ضمانت ضبط

faisal Mir 1لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ 120 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار فيصل مير کي 2 هزار 520 ووٽ ملي سگهيا ۽ هُو پنهنجي ضمانت به ضبط ڪرائي ويٺو آهي. 2013 جي عام چونڊن ۾ پ پ اميدوار زبير ڪاردار ساڳئي تڪ تي نوازشريف جي مقابلي ۾ 2 هزار 6 سئو 4 ووٽ حاصل ڪيا هئا. اهڙي طرح پيپلز پارٽي 2013 جي عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ ننڍي چونڊ ۾ پنهنجا 84 ووٽ وڃائي ويٺي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *