Thursday , April 25 2024

قومي  خوشحالي پروگرام، عورت فائونڊيشن سروي ڪندڙ ملازمن کي 4 مهينن جون پگهارون جاري نه ڪيون

فيض گنج (رپورٽر سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سان گڏ قومي خوشحالي پروگرام تحت گهر – گهر وڃي سروي ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن جي ملازمن کي اڪثر علائقن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، پگهارون نه ملڻ خلاف فيض گنج ۾ ملازمن احتجاجي  مظاهرو ڪري نعري بازي به ڪئي. فيض گنج ۾ وفاقي حڪومت جي تعاون سان قومي خوشحالي پروگرام گهر- گهر سروي ڪندڙ خانگي تنظيم جي ملازمن کي 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ظهير لاشاري، ممتاز چنو، فتح چند اوڏ، فقير اسد هيسباڻي ۽ محسن راڄپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پڪاچانگ شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فيض گنج ۾ وفاقي حڪومت جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تعاون سان قومي خوشحالي پروگرام گهر گهر سروي ڪندڙ خانگي تنظيم عورت فائونڊيشن جي 76 ملازمن کي گذريل 4 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ممتاز چنو، فتح چند اوڏ، سلام شر، محسن راڄپر ۽ ٻين چيو ته، عورت فائونڊيشن پاران کين 4 مهينن تائين فيض گنج تعلقي جي ريگستاني علائقن، پٺتي پيل علائقن سميت تعلقي جي ڏوراهين علائقن ۾ وڃي ڪري پنهنجي موٽرسائيڪلن، پنهنجي تيل تي 16 هزار کان مٿي گهرن جي رجسٽريشن ڪري چڪا آهيون. هنن چيو ته، عورت فائونڊيشن جا عملدار اسان کي پگهارون جاري ڪرڻ بدران ڪوڙا آسرا ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته سڀئي گريجيوئٽ بيروزگار نوجوان آهيون، مجبور ٿي ڪري اين جي او ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن باوجود به اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هنن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن کان گهر ڪئي ته لاڳاپيل اين جي او خلاف ڪارروائي ڪري کين پگهارون ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *