Thursday , April 18 2024

قومي اسيمبلي جي اجلاس مان ن ليگ جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ايوان ۾ دير سان آڻڻ تي ليگي ايم اين ايز پاران احتجاج ڪري اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ڳالهيون ڪري ليگي ايم اين ايز جو بائيڪاٽ ختم ڪرايو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ جاري آهي جنهن ۾ مختلف  معاملن تي بحث ڪيو پيو وڃي. اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر اسد قيصر ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي حلف کڻايو. اسپيڪر پاران پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ باوجود اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ايوان ۾ دير سان پيش ڪيو ويو جنهن تي ليگي ميمبرز احتجاج ڪندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. وفاقي وزير شاهه محمود قريشي سان ڳالهيون ڪري ليگي ايم اين ايز جو احتجاج ختم ڪرايو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اسان کي شهباز شريف جي ايوان ۾ اچڻ تي ڪو به هرج نه آهي، اپوزيشن سان ئي اسان اڳتي هلي سگهون ٿا. شهباز شريف ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان گڏ پهتو ته سمورا ميمبرز کين ڏسندس رهيا. ايوان ۾ پهچڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نيب وارن ته کيس ايوان ۾ آڻڻ ئي نه پئي چاهيو، ڪنهن وقت چيو ويو ته جهاز موجود نه آهي ته وري ڪو ٻيو بهانو ڪيو پئي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *