Thursday , April 25 2024

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح جو ٿي رهيو آهي، نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا

اسلام آباد( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چونڊن کانپوءِ حڪومت سازي جو پهريون مرحلو 13 اگسٽ کان شروع ٿي رهيو آهي، اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز کان حلف کڻائيندو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ 14 آگسٽ تي جمع ڪرايا ويندا، 15 آگسٽ تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان اسيمبليز جا اجلاس به اڄ ٿي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس سڀاڻي ٿي رهيو آهي جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، هڪ تڪ کان وڌيڪ تڪن تي ڪامياب ٿيل اميدوارن کي حلف کڻڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، حلف کڻڻ کان پوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر به حلف کڻندا. قومي اسيمبلي جو  افتتاحي اجلاس اڄ سومر ڏينهن صبح جو ٿي رهيو آهي، نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. نون چونڊيل ميمبرز جِي حلف برداري کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جِي چونڊ ٿيندي. هڪ کان وڌيڪ تڪن تان ڪامياب ميمبرز لاءِ فيصلي لاءِ اڄ آخري ڏينهن آهي. حلف کڻڻ کان اڳ هڪ تڪ کان سواءِ باقي تڪن تان استعيفائون چيف اليڪشن ڪمشنر کي جمع ڪرائڻيون پونديون، ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ قومي اسيمبلي لاءِ اسپيڪر نامزد ٿيل اسد قيصر صوبائي تڪن تان استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *