Thursday , April 25 2024

قمبر- شهدادڪوٽ سول اسپتال ۾ گوسڙو ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جو انڪشاف

شهدادڪوٽ (خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف گوسڙو هجڻ جو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منون مل، ايس ايس پي شيراز عباسي سان گڏجي اسپتال تي ڇاپو هنيو. سيشن جج جي ڇاپي وقت اسپتال ۾ مقرر اڪثر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون غير حاضر هنيون، جنهن تي سيشن جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورن غير حاضر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين سميت ٻئي عملي کي اڄ جمعي ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.  سيشن جج منومل ۽ ايس ايس پي شيراز نظير عباسي جي سول اسپتال تي ڇاپي دوران اسپتال ۾ اڪثر ڊاڪٽرياڻيون ۽ ڊاڪٽر حاضر هئا، جنهن تي سيشن جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سيشن جج غير حاضر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. هيپاٽائيٽس پروگرام جي انچارج عبدالطيف شيخ پاران حاضري جي رجسٽر تي ڪوڙيون صحيحون ڪرڻ تي سيشن جج مٿس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپتال تي سيشن جج جي ڇاپي دوران مريضن دوائون نه ملڻ جون شڪاتيون ڪيون، جنهن تي سيشن جج انتظاميه کي حڪم ڏيندي چيو ته مريضن کي دوائون فراهم ڪيون وڃن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيشن جج منومل چيو ته اسپتال ۾ اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽين تي نٿا اچن. ڊاڪٽرن جي غير حاضري سبب غريب مريض تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. غيرحاضر ڊاڪٽرن خلاف صحت کاتي جي سيڪريٽري کي لکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *