Friday , April 19 2024

قمبر ضلعي جي 2 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي بلوچستان قبضو ڪيو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته، بلوچستان قمبر ضلعي جي 2 لک ايڪڙن  کان وڌيڪ زمين سميت جابلو پٽي تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي،1876جي رڪارڊ موجب ڪتي جي قبر وارو علائقو سنڌ جي ملڪيت آهي. صوبائي وزير نثار کهڙو سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، تاريخي حوالن سميت برطانوي راڄ دوران به قمبر جي جابلو پٽي ۽ ڪتي جي قبر وارو علائقو سنڌ جو حصو هو. هن چيو ته، 1876جي گزيٽ جي رڪارڊ ۾ به سنڌ جي حدن ۾ ڊڪليئر ٿيل آهي. سروي آف پاڪستان ۽ 2017 جي آدمشماري ۾ به اها زمين ديھ ڪوهستان قمبر ۾ شامل آھي . ڪتي جي قبر وارو علائقو، گورک هل اسٽيشن کان به مٿي آھي، ان تي به بلوچستان غير قانوني قبضو ڪري مالڪي جي دعويٰ ڪئي آھي. قبضي هيٺ آيل 2لک 48هزار 64ايڪڙ زمين آهي.

نثار کهڙي جو چوڻ هو ته ناليواري اديب ۽ تاريخدان مرزا قليچ بيگ به ڪتي جي قبر جي نشاندهي ڪئي ۽ ان کي سنڌ جو حصو ڄاڻايو. بلوچستان کي گذارش ٿو ڪريان ته اهي ان زمين تي دعوي ختم ڪن. اسان سرحدن تي سوديبازي نه ڪنداسين. بلوچستان نئون فساد شروع نه ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *