Friday , April 19 2024

قلندرشهباز جي مزار تي ڌماڪي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد درد جي نوبت ۽ پيڙا جا سڏڪا……..

NOBAT1  نوبت وڄائيندڙ

گذريل ڏينهن شام ڌاري قلندرلال شهباز جي مزار تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 80 کان وڌيڪ زائرين جي شهيد ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بد جمعي ڏينهن صبح جو سوير قلندر جي نگري ۾ ڌمال واري هنڌ روايتي نوبت جي آواز سانت ۾ اچي ويل سيوهڻ کي ڇرڪائي ڇڏيو.

قلندرشهباز جي مزار جي احاطي ۾ هڪ ملنگ جيڪو روزانو نوبت وڄائي ڌمال هڻائيندو آهي، ان رت ۾ ريٽي ٿيل لال شهباز جي مزار تي نوبت وڄائڻ شروع ڪئي ، نوبت وچائيندي وڄائيندي ملنگ  روئي پيو ۽ وري وڄائڻ شروع ڪئي ۽ هو ڪيتري ئي دير تائين نوبت ان انداز سان وڄائيندو رهيو. اتي موجد ماڻهن مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته  ”دشمن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، درد ڪيترو به هجي پر ان درد جي آواز کي نوبت ۾ ڀري وڄائيندا رهنداسي”

ڪير ٿو ڄاڻي ته نوبت وڄائيندڙ ان ملنگ جي درد ، پيڙا ۽ وري حوصلي جو مقام ڪهڙو آهي”

NOBAt3

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *