Saturday , April 20 2024

قصور جي نياڻي زينب جي قاتل کي سڀاڻي صبح جو ڦاهي ڏني ويندي،سري عام ڦاهي جي درخواست رد

لاهور/قصور ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪجهه مهينا اڳ قصور ۾ اغوا ڪري جنسي حجھواس جو نشانو بڻائي بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نياڻي زينب جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا آيل ملزم عمران کي 17 آڪٽوبر تي صبح جو عَصُر ويل ڦاهي تي لٽڪايو ويندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ زينب زيادتي ۽ قتل ڪيس جھي جوابدار عمران کي سر عام ڦاهي ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار شميم احمد خان ۽ جسٽس شهباز علي رضوي تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي بئنچ درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. مختلف شنوائين دوران فريادي امين انصاري جي وڪيل اشفاق چوڌري عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ جي شق 22 تحت عوامي هنڌ تي ڦاهي ٿي سگهي ٿي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سيڪشن 22 پڙهو، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته اهو حڪومت جو ڪم آهي ۽ اسان حڪومت نه آهيون.  عدالت جوابدار عمران کي کل عام ڦاهي ڏيڻ بابت مقتول زينب جي والد جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *