Friday , April 19 2024

قانون واري وزير ضياءَ لنجار ۽ ايم پي فراز ڏيرو سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي قانون واري وزير ضياءَالحسن لنجار اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن سان گڏ قانون جون به ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. قانون وارو وزير سانگهڙ مان چونڊيل پ پ ايم پي اي فراز ڏيرو ان وقت پڪڙجي پيا جڏهن هلندي اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دوران، ضياءَ الحسن لنجار ۽ فراز ڏيرو کي چيو ته، اوهان ايوان ۾ پان، گٽڪو ٿا کائو الائي مين پڙي ٿا کائو، ايوان جو ڊيڪورم ٿيندو آهي، قانون جا وزير آهيون ڪجهه ته خيال ڪيو. آغا سراج دراني چيو ته، اوهان کي شوق آهي گٽڪو کائڻ جو ته ايوان کان باهر وڃي کائو، مهرباني ڪري هتي نه کائو.

سانگهڙ مان چونڊيل پ پ ايم پي اي فراز ڏيرو

ياد رهي ته سنڌ حڪومت پاران پان، گٽڪي ۽ مين پڙي جي استعمال ۽ وڪري تي پابندي لڳل آهي، پوليس سڄي سنڌ ۾ خاص طور تي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ مين پڙيون وڪرو ڪندڙ ڪيبن وارن خلاف به ڪارروايون ڪري کين گرفتار ڪري وٺندي آهي. پر صوبي جي قانون ۽ پارلياماني معاملن جو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ايم پي اي فراز چانڊيو ايوان اندر بقول اسپيڪر جي اهي پان يا گٽڪو کائيندا رهيا.

سنڌ اسيمبلي جي اجالاس دوران ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف  ڪراچي جي دوري بابت چيو آهي ته شهباز شريف جي شهر جي چڪرن ۽ ملاقاتن سان پيپلز پارٽي تي ڪو به فرق نه پوندو،جڏهن ته چونڊون ويجهو ايندي ئي سنڌ اندر اتحاد ٺهندا رهندا آهن. سوالن جو جواب ڏيڻ دوارن صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته وزيراعظم ڪراچي پهچي چيو ته وفاقي سرڪار گرين لائين منصوبي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪوريڊور جو ته اهو حال آهي جو ان تي هڪ موٽرسائيڪل به هلي نٿي سگهي.

هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف جي سنڌ ۾ چڪرن ۽ ملاقاتن سان پيپلز پارٽي تي ڪو به فرق نه پوندو، چونڊون ويجهو ايندي ئي سنڌ اندر اتحاد ٺهندا رهندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *