Tuesday , April 23 2024

قائد آباد ۾ پسند جي پرڻو ڪندڙ جوڙي کي جوابدارن گهر ۾ گهڙي قتل ڪري ڇڏيو

ملير (رپورتر   سنڌسماءَچار) شاهه لطيف ٽائون ۾ جوابدارن گهرن ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قبائي علائقي سان واسطو رکندڙ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪري ڀڄي ويا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوڙو قبائلي علائقي مان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد شاهه لطيف تائون ۾ رهندو هو. شاهه لطيف جي علائقي مدينا ڪالوني ۾ هڪ عورت ۽ مرد جا خون ۾ ٻڏل  لاش مليا آهن، پوليس گهر کي سيل ڪري لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. مقتولن جي سڃاڻپ 24 سالن جي شير ولد شيراصغر ۽ 22 سالن جي وسيمه زال شير امين طور ڪئي وئي آهي. مقتولن جو واسطو قبائلي علائقي اڪاخيل سان آهي.هنن 19 اپريل تي پسند جي شادي ڪئي هئي،هو قتل ٿيڻ جي ڊپ  وچان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي آيا هئا ۽ ڪرائي جو گهر ورتو هو. پوليس مطابق جوابدارن گذريل  رات گهر ۾ داخل ٿي زال مڙس کي ايم ايم پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *