Friday , April 19 2024

فيض گنج ۾ اليڪشن ڪميشن سي سي ٽي وي آپريٽرس کي معاوضو نه ڏنو

فيض گنج (رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيض گنج ۾ اليڪشن ڊيوٽي ڏيندڙ سي سي ٽي وي ڪئميرا آپريٽرس معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪئميرا آپريٽرس جي ڊيوٽي ڪندڙن حسن شر، نويد شر، ذوالفقار کنڊ، قربان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس کان مک چوڪ پڪا چانگ تائين مارچ ڪري احتجاج ڪيو.  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته اليڪشن ڊيوٽي جو معاوضو وصول ڪرڻ لاءِ مختيار ڪار آفيس وياسين ته ڊي سي آفيس خيرپور  مان معاوضو وصول ڪرڻ جو چيو ويو.  هنن چيو ته اليڪشن ڊيوٽي جو معاوضو کين ٽن هزارن بدران هڪ هزار رپيا ڏنو پيو وڃي جيڪو به 90 ڪلوميٽر پري خيرپور مان وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هنن اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي ته 3 ڏينهن جو معاوضو ٽي هزار رپيا ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *