Friday , April 19 2024

فيض گنج ۽ تنگواڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن دوران ارڙي وگهي 6 ٻارڙا فوت

فيض گنج/تنگواڻي( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ ارڙيءَ وگهي اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اوٻاوڙي ۾ 3 ٻارڙن، تنگواڻي ۾ وڌيڪ ٻن ۽ فيض گنج جي ڳوٺ رحمت چانگ ۾ به هڪ ٻار دم زنفگي جي جنگ هاري ويو. سنڌ ۾ ارڙيءَ تي اڃا تائين ضابطو اچي نه سگهيو آهي، اوٻاوڙي ۾ 3 ۽  تنگواڻي ۾ وڌيڪ 2  ٻارڙا ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويا آهن. اوٻاوڙي جي ڳوٺ عارب ملڪ ۾ ارڙي ۾ مبتلا 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتي ٻارن ۾ ٻن ورهين جو محمد يامين، هڪ سال جو احسان ملڪ ۽ ٻن ورهين جو غلام محمد ملڪ شامل آهن. تنگواڻي جي ڳوٺ ملڪ محل ۾ به ٻه ٻارڙا ٻن ورهين جو رياض ۽ 3 ورهين جي نياڻي صدوري ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويا.  تنگواڻي ۾ ارڙيءَ وگهي هڪ مهيني دوران فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي  22 ٿي ويوآهي، جڏهن ته هن وقت تائين صحت کاتي ڪي به قدم نه کنيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *