Friday , April 19 2024

فيض گنج جي اسپتال ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهرين جو احتجاج

فيض گنج( رپورٽر سنڌسماءَ چار) فيض گنج جي بنيادي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائين جي کوٽ سميت ٻين سهولتن جي آن هوند خلاف شهرين ڪامريڊ مرتضيٰ شر، جنيد چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو هني. احتجاج ڪندڙن چيو ته رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقي اسپتال جو درجو ملڻ باوجود تعلقي اسپتال واريون سهولتون نه ڏنيون ويون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته علائقي جي 4 لک آبادي جي علاج لاءِ اسپتال ۾صرف ٻه ڊاڪٽر مقرر ڪيل آهن، جڏهن ته ٽن مهينن کان دوائون به نه پيون ڏنيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال مان عملي ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري شهرين کي علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *