Saturday , April 20 2024

فيض آباد ڌرڻو ۽ پوليس تي حملو،دهشتگردي ڪيسز ۾ مولانا خادم حسين رضوي جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ڀر ۾ فيض آباد وٽ ڌرڻو هڻندڙ مولانا خادم حسين رضي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ٿيل 14 ڪيسز ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالت وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حراست ڪئي آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. فيض آباد انٽر چينج تي هنيل ڌرڻي دوران پوليس تي حملا ڪرڻ سميت 14 مختلف ڪيسز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت خادم حسين رضوي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل 14 ڪيسن ۾ کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت خادم حسين رضوي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس وارنٽثس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد جي انڊسٽريل ايريا زون پوليس خادم حسين رضوي ۽ ٻين خلاف مختلف عدالتن مان گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن. داخل ٿيل ڪيسن ۾ خادم حسين رضوي ۽ ٻين ساٿين تي دهشتگردي جي ايڪٽ 7 به شامل آهي. فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ٿي رهي آهي جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت طرفان خادم حسين رضوي جا اڳ به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *