Saturday , April 20 2024

فيض آباد ڌرڻو ڪيس، عوام جو حق آهي ته ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ مالي نقصان ٿيو

اسلام آباد (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ته عوام جو اهو حق آهي ته فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن دوران ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترو مالي نقصان ٿيو آهي،عدالت آءِ ايس آءِ ۽  آءِ بي  جون رپورٽون ٻيهر رد ڪري ڇڏيون، عدالت چيو آهي ته ايجنسيون ڇا ٿيون ڪن، ڇا انهن جو ڪم رنڊڪ وجهڻ وڃي رهيو آهي سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي خلاف نوٽيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ فيض آباد ڌرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي بند لفاظي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته فيض آباد آپريشن ۾ ڪيترا موت ٿيا، جنهن تي هن ٻڌايو ته موت جو ڪو به واقعو نه ٿيو آهي، واقعي ۾ 173 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته رپورٽ ڏني وڃي ٻڌايو وڃي ته ڇا ٿيو.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته، آپريشن دوران ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت ڄاڻ پنجاب حڪومت ڏئي سگهي ٿي، پنجاب حڪومت جي اڻ صحيح ٿيل رپورٽ ملي آهي، رپورٽ موجب 146 ملين جو نقصان ٿيو آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل جي سوال تي جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته صحافين کان پڇي وٺو، صحافي توهان کي پڇي وٺندا ميٽرو جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن جو ڪيترو نقصان ٿيو، هي عوام جو پئسو آهي، ڪير ٻڌائيندا هي نقصان ڪير پورو ڪندو، اسلام جي نالي تي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن جي نقصان جي اجازت ڪٿي آهي.

جسٽس قاضي فائز چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ڇا هتي اسلام تي ڳالهائي نه ٿو سگهجي، پاڪستان اسلامي نظريي تي ئي هلندو. ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جو نمائندو عدالت ۾ پيش نه  ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي ايجنسيون ڇا ڪري رهيون آهن، هر شيءَ سياسي ايجنڊا نه هوندي آهي، عدالت  چيو ته  آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي  جون هر هنڌ آفيسون آهن، انهن  کي اها خبر  ناهي ته ڌرڻي وارن وٽ شيلنگ ڪندڙ بندوقون ۽ ڏنڊا ڪٿان آيا، ڇا ڀڃ ڊاهه  مذهب اجازت ڏئي ٿو.  ڪنهن کي ڪا ڳالهه نه وڻي ته پٿر هڻجي، آئيني ۾ پنهنجي تصوير  به نه ٿي وڻي، هاڻ ته معاملو اتي  ويو آهي، ته جيترو وڌي تباهي ڪندو ان جا اوترا مطالبا مڃيا ويندا، هن چيو ته ميڊيا اهڙا ماڻهو ڇو ٿا گهرائي جيڪي ماڻهن  کي اڀارين، عدالت رپورٽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي چئمبر ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *