Friday , March 29 2024

فيض آباد ڌرڻو: ڪجهه ماڻهن اسلام آباد کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، ڌرڻي وارن جي ٻولي ڪهڙو اسلام آهي- سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (سنڌسماءَچار نيوز) اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد وٽ مذهبي جمناعتن جي لڳل ڌرڻي جو نيٺ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ورتو آهي، جسٽس فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڌرڻي وارن سڄي اسلام آباد کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، ڌرڻي ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وئي اُهو ڪهڙو اسلام آهي؟ عدالت کي ٻڌايو وڃي ته عوام جي ڪهڙڻ بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي، دفاع واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري تفصيلي رپورٽ ڏين.سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي بابت ورت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران، جسٽس فائز عيسيٰ چيو آهي ته عدالت کي ٻُڌايو وڃي ته عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن. سپريم ڪورٽ اهو نوٽيس گذريل ڏينهن هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ورتو. جنهن ۾ وڪيل ابراهيم ستي عدالت کي چيو ته هو ڌرڻي سبب ڪيس جي تياري ناهي ڪري سگهيو. ان لاءِ ڪيس جي ٻُڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جسٽس فائز عيسيٰ ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي دفاع واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽريءَ کي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت آءِ جي پنجاب، آءِ جي پوليس اسلام آباد ۽ اٿارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙي شريعت ماڻهن جو رستو بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي هئي ته ان دوران ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته صبح جو 8 وڳي بجاءِ 6 وڳي گهر مان عدالت لاءِ نڪرون ٿا، جنهن تي عدالت فيض آباد ڌرڻي جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو، عدالت آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب ۽ اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته عوام جي بنيادي حقن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ماڻهن جا رستا بند ڪرڻ ۽ ڌرڻي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي جي ڪهڙي شريعت اجازت ڏئي ٿي. ڌرڻي سبب آرٽيڪل 14، 15 ۽ 19 جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، سپريم ڪورٽ اسلام آباد انتظاميا کي سڀاڻي خميس تائين ٻي مهلت ڏيندي چيو ته عدالت کي سڀاڻي تائين ٻڌايو وڃي ته ڌرڻو ختم ڪرڻ ۽ عوام جي حقن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، عدالت چيو ته آرٽيڪل 17 آزاداڻي چرپر جي اجازت ڏئي ٿو، جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جاڙا شهر ڪجهه شرپسندن وٽ يرغمال بڻيل آهن. حڪومت رستا کولرائڻ بجاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهي، شاگردن ۽ مريضن کي ڌرڻي سبب سخت ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرڻي ۾ ڪريل ۽ چڙ ڏياريندڙ ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، ڪهڙو مذهب اهڙي ٻولي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ٻئي طرف مذهبي جماعتن جو 16هين ڏينهن به ڌرڻو، حڪومت ۽ ڌرڻي وارن وچ ۾ ڳالهين جا سمورا دور ناڪام ٿي ويا، جڏهن ته حڪومت به مؤقف تي ڄمي وئي. اسلام آباد ۾ ڌرڻي سبب شهرين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، ڪاليجن ۾ حاضري ٺپ رهي ۽ ڪاروبار به متاثر رهيو، جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت ۽ مظاهرين ۾ ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، پير حسين الدين شاهه ڳالهين واري ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي نور عالم شاهه کي ڪاميٽي جو سيڪريٽري بڻايو ويو آهي، پروفيسر ڊاڪٽر ساجد الرحمان، پير ضياءَ الحق شاهه، مولانا عبدالستار سيدي ۽ سيد حبيب الله شاهه به ڪاميٽي ۾ شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *