Saturday , April 20 2024

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪجي يا نه، پارلياماني ڪميٽي ڇا ٿي چئي…؟

فوجي عدالتن جي مستقبل بابت پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس فوجي عدالتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ محمود اچڪزئي شريڪ نه ٿيا، اسپيڪر چيو ته اجلاس دوران ڌرين جي راءِ ۾ ڪافي اتفاق نظر آيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ فوجي عدالتن جي مستقبل بابت پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملٽري انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل فوجي عدالتن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق چيو ته،  اجلاس ۾ ڪافي سٺيون ڳالهيون ٿيون آهن، ذميوار ڌرين اڄ بريف ڪيو ۽ اڄ جي اجلاس ۾ ڪافي اتفاق نظر آيو، سندس چوڻ هو ته، وڌيڪ اتفاق راءِ لاءِ باقي گهاٽي واڌي 16 فيبروري تي پوري ڪئي ويندي. اجلاس بابت ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته، حڪومت کي جيڪي قانوني سڌارا ڪرڻ هئا اهي نه ڪيا، ٻڌايو وڃي ته ڇا حڪومت کي ان بابت ڪا خبر نه هئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ گهرو کاتي جا ذميوار نه شريڪ نه ٿيا، ان بابت معاملي کي اجلاس ۾ اٿاريو ويو، ناڻي ۽ قانون واري وزارت پنهنجين ناڪامين جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته فوجي عدالت جي افاديت لاءِ نيب ۽ آپريشن ضرب عضب کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته، قومي سياسي ۽ فوجي قيادت ملي ڪري فوجي عدالتن تي فيصلو ڪندي. اڄوڪي اجلاس ۾ جي يو آءِ جي سربراه مولانا فضل رحمان ۽ پختونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي شريڪ نه ٿيا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *