Friday , April 19 2024

”فوجي عدالتن بابت جيئن پارليامينٽ چوندي تيئن ڪنداسين“: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجرجنرل آصف غفور

ڪراچي(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”فوجي عدالتون پاڪ فوج جي خواهش نه پر ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ پارليامينٽ ذريعي قائم ڪيون ويون“، اهو ڇوڻ آهي پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جَي ڊي جي ميجرجنرل آصف غفور جو. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي آصف غفور  چيو ته، 2008 ۾ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو، اي پي ايس سانحي کانپوءِ متفقه طور تي پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته ملٽري ڪورٽس قائم ڪيون وڃن، هاڻي به ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جيئن چوندي تيئن ڪنداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجرجنرل آصف غفور چيو آهي ته، فوجي عدالتون پاڪ فوج جي خواهش نه پر قوم جي ڀلائي لاءِ قائم ٿيون،ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، چئن سالن دوران دهشتگردي جا 717 ڪيسز آيا، جن مان 646 ڪيس اڪلايا ويا ۽ 46 دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي، آصف غفور چيو ته، فوجي عدالتن جو واسطو گم ٿيل ماڻهن ۽ ٻين مسئلن سان ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قائم ڪيون ويون، فوجي عدالتن کانپوءِ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

آصف غفور نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ته اڳ ۾ به فوجي عدالتن بابت فيصلو اتفاق راءِ سان ٿيو هو، هاڻي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت فيصلو به اتفاق راءِ سان ئي ٿيڻ گهرجي، قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي. فوجي عدالتن جي قيام سان دهشتگردي ۾ واضح گهٽتائي ٿي، جنهن جي فيصلن تحت 56 دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي، جڏهن ته چئن سالن ۾ 646 ڪيس اڪلايا ويا، ملٽري ڪورٽس ديانتداري سان اڻڌريا فيصلا ڪيا. صرف هڪ ڪيس ۾ منع نامو مليو، ان جا به ڪي ٽيڪنيڪي سبب آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪرمنل جسٽس سسٽم دهشتگردن بابت ڪيس اڪلائڻ ۾ مثبت نه هو، جنهن ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي هڪ لهر هئي، پر 2008 کانپوءِ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ تيزي آندي، جنهن دوران دهشتگردن کي گرفتار به ڪيو ويو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي موت جي سزا ڏيون ٿا ته جوابدار ملٽري ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن معافي نه ملي ته سندس اپيل صدر ڏانهن ويندي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڪيس سول ڪورٽس ۾ هليا ويندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *