Wednesday , April 24 2024

فواد چوڌري ٽي ايل پي سان ٿيل معاهدو عارضي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل لکت واري معاهدي کي عارضي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنو هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته، سڄي ملڪ ۾ جاري احتجاجن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل ٺاهه عارضي آهي. فواد چوڌري پاران وفاقي حڪومت پاران آسيه بي بي جي آزادي خلاف مذهبي جماعتن جو احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ معاهدي کي عارضي حل قرار ڏيندي وڌيڪ چيو ته، اسان وٽ ڌرڻا ختم ڪرڻ لاءِ ٻه آپشن هئا، فورس استعمال ڪيون ها ته ماڻهن جي مارجڻ جي خدشو هو، رياست کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه حاصل ڪبو آهي ۽ ڪجهه ڇڏڻو پوندو آهي. هن حڪومت جو بچاءُ ڪندي چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رڳو فائر فائٽنگ آهي، في الحال حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي اهو مسئلي جو حل ناهي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد احتجاجي مظاهرن جو مستقل حل ڳولڻو پوندو. فواد چوڌري واضح ڪيو ته آسيا بي بي کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت فيصلو عدالت ڪندي، حڪومت آسيا بي بي جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *