Friday , April 19 2024

فشر فوڪ فورم جو چيئرمين ٻن ساٿين سميت اغوا بعد بازياب، ٻن ڄڻن تي تشدد

ٺٽو ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سجاول ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه سميت ٽن ڄڻن کي مبينا طور يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو، محمد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي ڀاءُ شوڪت ملڪاڻي ۽ ٻين يرغمال بڻائڻ بعد تشدد ڪيو، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته محمد علي شاهه سان ذاتي دشمني جي بنياد تي واقعو پيش آيو هوندو، اسان جي ڪنهن به ماڻهو کيس يرغمال نه بڻايو هو. فشر فوڪ فورم جي  چيئرمين محمد علي شاهه موجب هو  چوهڙ جمالي ويجهو بابلي ڍنڍ جو دورو ڪرڻ بعد واپس وڃي رهيو هو ته صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، سندس ڀاءَ شوڪت علي ملڪاڻي ۽ يامين حبيب جي  50 کان وڌيڪ ماڻهن بندوقن ۽ ڪهاڙين جي زور تي کيس ۽  فشر فوڪ فورم جي ٻن ضلعي  عهديدارن نور محمد ٿهيم ۽ خادم ونگاهي   کي يرغمال بڻايو.  محمد علي شاهه چيو ته صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي ڀاءُ شوڪت ملڪاڻي ۽ ٻين يرغمال بڻائڻ بعد تشدد ڪيو، پر پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايس ايس پي ٺٽو محمد حسيب افضل  محمد علي شاهه سان ملاقات ڪري کيس واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي،  محمد علي شاهه چيو ته صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ سندس ڀاءُ شوڪت ملڪاڻي خلاف ڪيس داخل نه ٿيو،سڀاڻي کان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي محمد علي شاهه جي  الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته محمد علي شاهه سان ذاتي دشمني جي بنياد تي واقعو پيش آيو هوندو، اسان جي ڪنهن به ماڻهو کيس يرغمال نه بڻايو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *