Thursday , March 28 2024

فرزانا جمالي ڪيس:نوابشاهه پوليس بااثر وي سي ۽ پروفيسر جي ونگارو بڻجي وئي؟؟

نواب شاهه(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي  جي وي سي ۽ پروفيسر پاران جنسي طور هيسايل فرزانا جمالي ۽ سندس والد چيو آهي ته، ڪيس ۾ نوابشاهه پوليس جوابدار ڌر جي ونگارو بڻجي وئي آهي. نوابشاهه جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ فرزانا هراسمينٽ ڪيس جي شنوائي شروع ٿي ته، ڪيس ۾ نامزد جوابدار وي سي ارشد سليم آرائين ۽ پروفيسر عامر خٽڪ پنهنجي وڪيل علي رضا چنا معرفت پڪي ضمانت ڪرڻ لاءِ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج نواب شاهه سهراب خان بروهي جي عدالت آڏو پيش ٿيا. ان موقعي تي فرزانه جمالي جي وڪيل شهباز ڏاهري عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته، شاگردياڻي کي هيسائڻ واري ايف آءِ آر پوليس پاڻمرادو داخل ڪرائي جيڪو عمل الزام هيٺ آيل ڌر کي بچائڻ جي برابر عمل آهي. هن چيو ته ان جو ثبوت اهو آهي ته، پوليس پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ پوليس جيڪو موقف اختيار ڪندي قلم لڳايا آهن انهن ۾ زنا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ شاگردياڻي کي هٿ مان پڪڙي ڪمري ۾ اچڻ وارا قلم داخل نه آهن، ان ڪري پوليس کي پابند ڪيو ويو ته ايف آئي آر ۾ اهي قلم داخل ڪري، پوءِ ڪيس هلايو وڃي.

عدالت بنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 6 اڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو وي سي ارشد سليم، پروفيسر عامر خٽڪ يونيورسٽي جي آفيسرن معراج ڀٽي، ڪاشف نوراني سان گڏ عدالت ۾ پهتو عدالت ٻاهران وي سي ارشد سليم شاگردياڻي فرزانه جمالي جي والد اعجاز جمالي سان هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اعجاز جمالي وي سي کي هٿ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو تون منهنجي نياڻي جي زندگي جو قاتل آهين تون استاد نه پر استادي پيشي تي هڪ بد نما داغ آهيون ۽ تون مونکي جيڪي اڳ ۾ ڌمڪيون ڏنيون هيون ته توتي ۽ تنهنجي خاندان کي دهشتگرد ڪيس ۾ ڦاسائيندس اهو تو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي معصوم پٽ زوهيب مٿان دهشتگردي جي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي. مان پڙهيل لکيل ۽ استاد آهيان، قانوني جنگ ڪندس ۽ هڪ ڏينهن ضرور انصاف ملندو.

هڪ مهيني کان انصاف نه ملڻ ۽ جوابدارن کي سامهون ڏسي فرزانه جمالي جي طبيعت خراب ٿي وئي، اکين مان بيوسي جا لڙڪ لڙي عدالت مان ٻاهر نڪري پنهنجي والد سان گڏ رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ فرزانه جمالي چيو ته انصاف ڏيڻ بجاءِ ڊيڄاريو پيو وڃي. آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي نوٽيس وٺڻ پڻ هڪ ڊرامو هيو. اسان کي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ علي اڪبر جمالي اونڌهه ۾ رکي منهنجي معصوم ڀاءُ کي ڌماڪي جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو. هن چيو ته اسان کي اڃا به خطرو آهي ته اهي وڌيڪ ڪو ڊرامو ڪري اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. وي سي ۽ عامر خٽڪ کي بچائيندڙ الله جي خوف کان نه بچي سگهندا.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *