Saturday , April 20 2024

فرزانا جمالي کي هيسائڻ وارو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ بابت پوليس جي رپورٽ رد

نوابشاهه ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نوابشاهه جي عدالت پوليس پاران شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هيسائڻ واري ڪيس کي سي ڪلاس ڪرڻ واري پيش ڪيل رپورٽ رد ڪندي ڪيس جي جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جوڊيشل مئجسٽريٽ صفدر علي جتوئي خميس 4 آڪٽوبر تي ڪيس جي شنوائي ڪئي هئي، جنهن دوران وي سي ۽ پروفيسر پاران شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هيسائڻ واري ڪيس جي رپورٽ پيش ڪئي. ڪيس جي جاچ آفيسر محمد علي ڏهراج رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته فريادڻ لڳايل الزامن بابت ڪي به ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيس سي ڪلاس ڪري داخل دفتر ڪيو ويو آهي. ڪيس جي جاچ آفيسر پاران پيش ڪيل رپورٽ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ صفدر علي جتوئي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ڇنڊ پٽي. عدالت تعلقي ٿاڻي نوابشاهه جي پوليس ۽ جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته، جوابدارن خلاف چارج شيٽ تيار ڪري ايندڙ شنوائي تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. جنهن بعد مئجسٽريٽ صفدر علي جتوئي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *