Thursday , April 25 2024

غيرمسلم ڇوڪرين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پ پ تي وڌيڪ ڏکيا ڏينهن اچن پيا:وزيراعظم

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، غير مسلم چوڪرين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ جي آئين ۾ ضمانت ڏنل آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي فنڊز تي ترقياتي منصوبن جي نالي تي ڪيئن ڌاڙو هنيو ويو آهي، پيپلز پارٽي تي ته اڃا وڌيڪ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن. وزيراعظم عمران خان سنڌ جي دوري تي ڪراچي پهتو، جنهن   بعد گورنر هائوس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن سان ملاقات ڪئي. پارٽي جي پارليامينٽيرينز ۽ اڳواڻن سان ملاقات ڪندي وزيراعظم چيو ته، اُهي پنهنجن پنهنجن تڪن ۽ علائقن ۾ عوام سان رابطن ۾ رهن ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جي آءِ ٽي رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته ڪيئن سنڌ جو ناڻو لٽيو ويو. سنڌ جا فنڊز ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪهڙي نموني سان  ٺيڪيدارن جي اڪائونٽس ۾ ويا ۽ ڪيئن اومني گروپ استعمال ٿيو. هن چيو ته پيپلزپارٽي تي اڃا ڏکيا ڏينهن اچڻا آهن، اڃا انهن جي ڪرپشن جا وڌيڪ راز وائکا ٿيندا.

گورنر هائوس ۾ پارٽي جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي خطاب ڪندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته غربت مٽايو وارو احساس، صحت ۽ انصاف وارا پروگرام سنڌ ۾ شروع ڪيا ويندا، ڪراچي کي وڏي عرصي کان نظرانداز ڪيو ويندو، سمنڊ مان نڪرندڙ تيل جي سڀ کان وڏي سبسڊي ڪراچي تي خرچ ڪيون، تڏهن به ڪراچي جا سمورا مسئلا حل نه ٿي سگهندا، پوءِ به پوري ڪوشش.آهي ته مسئلا حل ڪيون، غير مسلم ڇوڪرين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سوچون پيا ته ان حوالي سان ڪا حڪمت عملي جوڙيون ته جيئن ضلعي سطح اهڙي ڪميٽيون جوڙي سگهن، جيڪي انهن واقعن کي روڪن، ان موقعي تي ايم اين اي لال مالهي تجويز رکي ته ان قسم جا واقعا روڪرائڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته جلد ان سلسلي ۾ حڪمت عملي جوڙي ويندي ته جيئن اهڙا واقعا روڪي سگهجن. عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيل نمائندن گهر ڪئي ته کين فنڊ جاري ڪيا وڃن پر وزيراعظم انڪار ڪندي چيو ته مخصوص سيٽن وارن کي فنڊ نه ٿا ڏئي سگهجن، سڌي ريت چونڊجي آيل نمائندن کي 16-16 ڪروڙ جا فنڊ ملن پيا. فنڊ وڌائڻ تي غور ڪيون پيا، وزيراعظم پارٽي جي سنڌ مان چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي سنڌ جي مسئلن تي صوبائي اسمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿارين، جيڪڏهن ڳالهه اسيمبلي ۾ نه ٻڌي وڃي ته روڊن تي نڪري احتجاج به ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *