Wednesday , April 24 2024

غيرقانوني پرڏيڻ خلاف قومپرست پارٽين پاران 17 اپريل تي نادرا ڪورنگي آڏو ڌرڻي جون تياريون مڪمل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ سيو سنڌ ڪميٽي پاران سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خاص طور تي بنگالين، برمين ۽ روهينگين کي شهريت ڏيڻ  خلاف 17 اپريل کان 3 ڏينهن واري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي پئي وڃي، سيو سنڌ ڪميٽي جي اڳواڻ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ دوست ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته اُهي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري وطن دوستي جو ثبوت ڏين. سيو سنڌ ڪميٽي پاران ڌارين جي آبادڪار ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف نادرا چيئرمين ۽ غير قانوني پرڏيهين جي سهولتڪارن خلاف ڪراچي ۾ نادرا آفيس ڪورنگي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو علامتي بک هڙتال قائم ڪئي ويندي. ايس يو پي ترجمان جو چوڻ آهي ته، نادرا آفيس ڪورنگي آڏو 17،18 ۽ 19  اپريل (اڱارو، اربع ۽ خميس ڏينهن) روزانو صبح جو 11 وڳي کان احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي ايس يو پي سميت سيو سنڌ ڪميٽي ۾ شامل سمورين پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ويهندا.

ان سلسلي ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته،  سنڌ اندر هڪ سوچيل سمجهيل پلاننگ تحت ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن ته جيئن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي. نادرا چيئرمين قانون جو حدون اورانگهي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ مددگار ٿي رهيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. جلال محمود شاهه ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌ دوست ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اُهي هن احتجاجي مظاهري ۽ علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي وڌ کان وڌ شرڪت ڪري سنڌ سان پنهنجي وطن دوستي جو ثبوت ڏين.

لاڳاپيل خبرون هي به پڙهو

نادرا چيئرمين بنگالين ۽ برمين سميت ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي،سڄاڻ ڌريون خاموش

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

 

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *