Thursday , April 25 2024

غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري فيصلي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي

فائيل فوٽو

ڪراچي( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) قومپرست پارٽين پاران جوڙيل سنڌ ايڪشڻ ڪميٽي جي سڏ تي، سنڌ ۾ ڌارين جي آباڪاري ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏياري پاڪستاني شهريت ڏيڻ خلاف اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، دادو، خيرپور، بدين سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ علامتي بک هڙتالون ڪيون ويون. ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي ب ک هڙتال ڪئي وئي. برمين، بنگالين ۽ افغانين سميت سمورن ڌارين جي آبادڪاري ۽ کين شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي. جلال محمود شاھ جي اڳواڻي ۾ علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ ايس ٽي پي، جسقم، جسقم (آريسر)، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي جھموري پارٽي، جسم (رياض چانڊيو گروپ)، جيئي سنڌ محاذ، جسقپ، جست ۽ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن توڙي دانشورن، ليکڪن، صحافين، اديبن ۽ سماجي اڳواڻن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.

علامتي بک هڙتال تي ويٺل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت جي حيثيت سان پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي هئي ۽ ان ئي وفاق جي اندر سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو مڪمل حق حاصل آهي. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪنهن به ڌيري کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته اڄوڪي پرامن احتجاج وسيلي سنڌ توڙي وفاقي حڪمرانن کي پيغام ڏيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت سنڌ ۾ رهندڙ 35 لک کان مٿي پرڏيهين کي رجسٽرڊ ڪري پنهنجي ڏيھه موڪليو وڃي. هن چيو ته ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي بار آهن ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا به ذميوار آهن. اسان سنڌ جي شعور وندن سان گڏجي پرامن احتجاج ڪري ڌارين کي نيڪالي لاءِ تحريڪ هلائي ويندي. هن چيو ته سنڌ جون قومرست ڌريون رڳو ڌارين جي نيڪالي واري هڪڙي نقطي تي گڏ آهن. تاريخ گواھ آهي ته جڏهن به سنڌ جي قوم پرست ڌرين هڪ نقاطي ايجنڊا کي فوڪس ڪيو آهي ته سوڀ ملي آهي. علامتي بُک هڙتال ۾ اي جي پي اڳواڻ امان الله شيخ، حريف چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو، ايس يو پي جي اعجاز سامٽيو, جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، جسقم آريسر جي اڳواڻ مسعوش کوکر، شاعر ۽ قومي راڳي بيدل مسرور، سماجي اڳواڻ احمد سومرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

حيدرآباد : سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي جهموري پارٽي، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي ۽ ٻين قومپرست پارٽين پاران سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري انهن کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ امڪاني قانونسازي ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد ميمڻ چيو ته 1980ع جي آدمشماري تحت سنڌين جي آبادي 80 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هڪ سازش تحت تازوٿيل آدمشماري ۾ سنڌين جي آبادي 52 سيڪڙو ڏيکاري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ افغانين، بنگالين، برمين، هندستانين کي آباد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاڻ انهن کي سنڌ ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. هن چيو ته سنڌ جا سمورا ماڻهو گڏجي ڌارين جي آبادڪاري جي رستا روڪ ڪندا. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي شهريت ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته سنڌ ۾ 35 لک غيرملڪي آباد آهن جنهن مان 30 لک افغاني آهن، جنهن سبب امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. هن چيو ته سعودي عرب سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ غير ملڪين کي اهڙي نموني آباد نه ڪيو ويندو آهي، جهڙي نموني ڌارين کي ملڪ خاص طور سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي رستا روڪ سميت وسيلن تي قبضي خلاف سنڌ جا سڀئي ماڻهو هر جهموري طريقو اختيار ڪندا. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته بنگالين، برمين، افغانين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ حڪومت ۾ ويٺل پارٽيون قانونسازي ڪرڻ وڃن پيون، جنهن سان سنڌ جا اصل رهاڪو ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ مهاجر ۽ پٺاڻ ڪراچي جي مالڪي جون دعوائون ڪري رهيا، جڏهن ته هاڻ سنڌين کان سنڌ کسڻ لاءِ ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جا سانڀا ڪيا پيا وڃن، اهڙي عمل کي ڪنهن صورت ۾ ڪاميب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ان موقعي تي قادرچنا، شبيرمگسي، نظيرقريشي، مختيارعباسي، منورخاصخيلي، انورخاصخيلي، دودوديشي ۽ ٻيا موجود هئا.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف قومپرست پارٽين پاران شهر جي جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي جسقم جي اطهر سومرو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي روشن ڪلهوڙو، جڳديش آهوجا، جيئي سنڌ محاذ جي سراج ڪلهوڙو، محمد علي ابڙو، جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ جي ذوالفقار بليدي، جيئي سنڌ تحريڪ جي اسد جروار، عوامي جمهوري پارٽي جي ڀائو در محمد ٻرڙو، قومي عوامي تحريڪ جي شبير جتوئي، جميل سميت ۽ ٻين چيو ته هميشه سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ان جي حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي، دنيا جي ڀٽڪيل ۽ لوفر ماڻهن کي جن پنهنجي ڌرتي مٿان به رهزني ۽ دهشتگردي جي واردتن ۾ ملوث هجڻ سبب نيڪالي ڏني پئي وڃي تن کي سنڌ ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيئي سنڌ کي هميشه لاءِ دهشتگردي جي ور چاهڙيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ هميشه گڏ رهيا آهن ۽ ان موقعي تي به هي سنڌ جو گڏيل آواز ته لوفرن جي سنڌ ۾ داخلا کي رد ڪري نيڪالي ڏني وڃي. هنن چيو ته اسان جي بين القوامي حالتن تي نظر آهي ۽ اسين چتاءُ ٿا ڏيون ته سنڌ جي ماڻهن کي بند گهٽي ۾ گهلڻ واري حرڪت بند ڪئي وڃي.

سکر: سنڌ مان پرڏيهين جي نيڪالي، بيهارين، برمين ۽ بنگالين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف  قوم پرست جماعتن جي گڏيل اتحاد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڏنل سڏ تي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو، عزيز الله ڀٽو، نسيم شاهاڻي، اسدالله سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، جسقم( آريسر) ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پاڪستان ۾ غير ملڪين ۽  ٻاهران آيل ماڻهن کي پرڏيهي قانون مطابق عمل ڪندي انهن کي مهاجر ڪيمپن ۾ ويهارڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو ٻين ملڪن ۾ به مهاجرن کي ڪيمپن ۾ رهايو وڃي ٿو ۽ انهن سان ملڪي قانون موجب ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ سان بد ڌيانتي ۽ ظلم جي انتها آهي، سنڌ سان تعصب رکندڙ حڪمرانن ۽ ملڪي ادارن پنجاب ۾ افغانين، بنگالين، برمين سميت ڪنهن به مهاجر کي برداشت ناهي ڪيو ويو پر سنڌ سان هڪ سازش تحت وڏن شهرن ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته جيئن ته سنڌي هزارن سالن کان ڌرتي جا فطري ۽ قانوني وارث آهن، پر ڌرتين ڌڻين کي پنهنجي ڌرتيءَ جي قدرتي وسيلن سميت مالڪيءَ جا حق کسيا ويا آهن، جڏهن ته بنيادي سهولتن کان پڻ محروم بڻايو ويو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي تعليم، صحت جهڙين بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سازش تحت پ پ سرڪار ملڪ رياض جهڙي غيرسنڌي کي بحريا ٽائون لاءِ ڪراچيءَ  کان ڄامشورو تائين قيمتي زمينون ڏنيون ويون آهن، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا.ان موقعي تي احتجاجي ڪيمپ تي عيدن جاگيراڻي، الطاف شاهه، وحيد کوسو، حڪيم زنگيجو، هوشو ڪٽوهر سميت ٻياقومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

  فائيل فوٽو            

شهدادڪوٽ: سنڌ بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف شهدادڪوٽ ۾ قوم پرستن سميت مختلف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي موٽوموٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي .ان موقعي تي ايس يوپي جي پيربخش ڀٽي، حمل خشڪ، قومي عوامي تحريڪ جي شمس ابڙو، ايس ٽي پي جي نيازچانڊيو ، شبيرمگسي، جسم جي نصير سيلرو، جسقم جي آغا ڪالاڻي ، سماجي اڳواڻن جاويد سنڌي  ۽ ٻين چيوته سنڌ حڪومت پاران ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو اعلان ڌارين جي لوڌ کي مستقل آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي سرڪاري جي اهڙي اعلان سان قوم پرست ۽ ساڃاهه وند ڌرين جي ماڻهن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي هنن گھرڪئي ته ڄاڻايل اعلان واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف، احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، خبر موجب: مختلف قوم پرست جماعتن تي ٻڌل سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي جيڪب آباد ۾ به ڌارين جي آبادڪاري خلاف هڪ احتجاجي جلوس سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڪامريڊ جمال جوش ٻرڙو، سيد پير محمد شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي اعجاز ڪنڊراڻي، چاڪر جوڻيجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالرزاق لغاري، نظام مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاج ۾ شريڪ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي افغانين، برهمين،بنگالين، بيهارين ۽ ٻين ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف نعرا اڪريل هئا. مظاهري ۾ شريڪ قوم پرست جماعت جي ڪارڪنن شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪيو ۽ نعريبازي ڪندا جيئي سنڌ چوڪ تي پهچڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اهڙي مرڪزي سڏ تي احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ڪنڌ ڪوٽ : ڪنڌ ڪوٽ قوم پرست جماعتن پاران جوڙيل سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل جي خلاف ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ پاران گهنٽا گهر تي شاهنواز مرهٽو، دلمراد ڏاهاڻي سجاد بروهي، اصغر شيخ، احمد علي سنڌي، گهايل سنڌي، احمد شيخ، اعجاز بجاراڻي، قمر دين سهرياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،

نوشهروفيروز : سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان ايس يو پي جي عزيز ڦل، خادم سيال، مهر وسطڙو، جسقم جي امام بخش عمراڻي ، منير وسطڙو، اسد عمراڻي، ايس ٽي پي جي حبيب مشوري، جميل جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان مظاهرو ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ڪيمپ تي حمايت طور سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري زاهد راڄپر، شهري اتحاد جي يونس راڄپر پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هٿ وٺي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪئي پئي وڃي جيڪا عالمي سازش آهي سنڌ ۾ افغاني پٺاڻن، برمي، بنگالي سميت ٻن ڌارين کي مهاجر ڪيمپن ۾ رهائڻ بجاءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد ڪيو پيو وڃي هاڻي وري پ پ سنڌ پاران ان ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي سنڌين کان پنهنجا وسيلا کسيا پيا وڃن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

نوابشاهه: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران قومپرست جماعتن جو ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين جي شاهه، جسقم ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڊويزنل اڳواڻ سيد اطهر شاهه، نثار ڪيريو، قومي عوامي تحريڪ جي ابراهيم بگٽي، جسقم آريسر جي سرمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڌرڻو هڻي  علامتي بک هڙتال ڪئي انهي موقعي تي سيد زين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته 1954 کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به ڌاريا آيا آهن انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڌارين جي غيرقانوني آبادڪاري سان سنڌ جي اسلوڪن وارثن جا حق غضب ٿين ٿا ۽ نوڪرين، ڪاروبار جي ذريعن ۾ سنڌي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو جيڪا سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي هوندي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي ۽ تازو برمين، بنگالين ۽ افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو جيڪو اعلان ڪيو ويو آهي انهي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان غير قانوني پرڏيهن کي هن ملڪ اندر مستقل رهواسي هجڻ جو حق ملي وڃي ٿو ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته جيڪي به برمي، بنگالي ۽ غير قانوني پرڏيهي آهن انهن کي مهاجر ڪيمپن ۾ رهايو وڃي ۽ مسئلو حل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي جيڪڏهن حڪومت ۽ ان جا ساٿاري برمين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيهن کي فوري طور تي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ قدم نٿا کڻن ته سنڌ جون سموريون قومپرست جماعتون متحد ٿي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا بک هڙتالون ڪنديون ۽ روڊ بلاڪ ڪيا ويندا.

ٺٽو:  سنڌ جي قومپرست ڌرين جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي  سڏ تي ٺٽي ۾ به ڌارين جي آبادڪاري ۽ تڪراري منصوبن خلاف احتجاج طور علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري قومپرست ڪارڪنن پاران علامتي بک هڙتال شروع ڪئي ويئي ، ٺٽو ميونسپل ڪميٽي اڳيان قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ ۾ مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بک هڙتال تي ويٺا ، جتي ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جسقم، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  گلزار جماڻي، ناٿو بروھي ، اشرف پليجو بلاول لاشاري ، راجو قريشي ، اوڀايو خشڪ ، امان اللہ بروھي ، ستار ميرانخورگهنور زئور، جميل سمون ، وحيدعلي راهمون  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ميونسپل ڪميٽي اڳيان قائم ڪيل علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا ۽ انهن پاران ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، سنڌ دشمن منصوبا نامنظور جا نعرا هڻي احتجاج ڪيو ،ان موقعي تي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته،ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار سبب مقامي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري غيرمقامي ماڻهو سنڌ ۽ ٺٽي کي مال غنيمت سمجهي ٻنهي هٿن سان لٽي ۽ کائي رهيا آهن حڪمران هٿ وٺي بنگالين ، برمين ۽ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهي آهي ته جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتئ تي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن جڏهن ته موجودھ حڪومت  هر ڀيري اقتدار ۾ اچڻ لا۽ ڌارين کي وڏي تعداد ۾ آباد ڪرڻ چاهي ٿي پر سنڌ جا حقيقي سڃڻ قوم پرست ڌارين خلاف احتجاج ۽ جدوجهد جاري رکندا.

سجاول:  سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري ۽ بنگالي برمين ، افغانين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سجاول ۾ قومپرست ڌرين پاران پبلڪ پارڪ وٽ احتجاجي بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي جتي بک هڙتال  تي  ويٺل ايس ٽي پي سجاول صدر غني  ملاح ، گل حسن رند ، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چيئرمين نواز خان زئور جسقم جي جمن سنڌي نظير لغاري ، عوامي تحريڪ جي سجاول جي صدر حسين آزاد ، آريسر گروپ جي واسينگ سنڌي ۽ ٻين سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جون لوڌون آباد ڪري سنڌي ماڻھن جا غذب ڪيا پيا وڃن ۔ وقتن به وقتن ڪڏھن بنگالين کي ڪڏھن افغانينن کي هتي رهائش پزير ڪري سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون وڃن ٿيون جيڪو عمل ناقابل برداش آھي ، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو سنڌ جي حقن لاء جدوجهد جاري رکنداسين ۔

ٽنڊوالهيار: سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٽنڊوالهيار جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف  پريس ڪلب سامهون مختلف پارٽين پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي عبدالله مڱڻهار،افضل جسڪاڻي،هاشم بلوچ،باغي حبيب الله ڪالرو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران غير ملڪي ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ کين سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته سنڌ عالمي يتيم خانو نه آهي جنهن ۾ غير ملڪين کي آڻي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي تنهنڪري اسين بين القوامي طور ٿيندڙ سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين جنهن جي خلاف اسان سڀئي گڏجي غير ملڪين جي آبادڪاري خلاف سگھاري احتجاج ڪنداسين.

بدين:  سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌين کي هڪ سازش تحت اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جو امن امان توڙي روزگار جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بدين ۾ قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن ڊاڪٽر دودو مهيري ايڊوڪيٽ روشن ڪنراڻي  تاج جويو اسلم خيرپوري شاهنواز سيال عثمان بجير محمد آريسر نهال نوحاڻي آصف ٽالپر رميش ڪمار گيانچند مهيشوري مبارڪ سمون  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي هڪ سازش تحت برمين بنگالين افغانين ۽ ٻين صوبن جي قومن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي جنهن سبب هتان جي اصلوڪين سنڌين جو اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي هنن چيو پي پي حڪومت پاران برمين ۽ بنگالين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جاري ڪرڻ وارو اعلان سنڌ جي وحدانيت تي وار آهي جڏهن سنڌ ۾ رهندڙ اهي ڌاريا سنڌ جي معشيت تي نه صرف بار آهن پر سنڌ جي شهرن ۾ خراب امن امان جا ذميوار اهي ڌاريا آهن هنن مطالبو ڪيو سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي بند ڪري کين سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

ميھڙ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ايس يو پي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ميمبر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي نائب صدر سڪندر سوڍر ، تعلقه ميهڙ جي اڳواڻن محمد حيات بروهي ، غلام مرتضيٰ چانڊيو ، سلطان ڀٽي ، ولي محمد چانڊيو ، محمد علي سوڍر ، خير محمد چانڊيو ، مير مرتضيٰ چانڊيو ، وسيم چانڊيو ، دلبر چانڊيو ، فياض ٻليدائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي ۽ احتجاج ڪيو ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن جيڪو عمل سنڌ جي سموري قومپرست تنظيمن کي نامنظور آهي جنهن جي خلاف پارٽي قيادت جي فيصلي جو انتظار آهي هنن وڌيڪ چيو ته سيد جلال محمود شاه جي قيادت ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا مرحليوار احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي هنن ملڪ جي اعليٰ عدليه کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي سنڌين ماڻهن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

فريدآباد: سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور ، ڌارين کي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ بند ڪيو وڃي ، فريدآباد ۾  عوامي جمھوري پارٽي اڳواڻ اقرار دانش چانڊيو ، فرمان چانڊيو ، سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي مرڪزي اڳواڻ راجا مزمل خاصخيلي ، جسقم اڳواڻ ايڊووڪيٽ عاشق سولنگي ، وزير سولنگي ، اسد سولنگي ، سماجي اڳواڻ علي چانڊيو ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌاريا نامنظور جا نعرا ھڻندا پريس ڪلب جي اڳيان 4 ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ عاشق سولنگي اقرار دانش چانڊيو ، راجا مزمل خاصخيلي ، چيو تہ سنڌ ۾ بنگالي ، برمين ۽ ڌارين کي سنڌ ۾ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ھنن چيو تہ سنڌ ۾ ڌاري آبادي ڪري صوبي سنڌ تي بار آھن قانون پاس ڪري ڌاري آبادڪاري کي روڪيو وڃي ۽ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ بند ڪيو وڃي.

تنگواڻي: تنگواڻي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي گزريل ڏينهن ڌارين جي آباد ڪاري خلاف  شعبان ڏاهاڻي ۽ عبدالرحيم گجراڻي جي اڳواڻي ۾ احۡتجاجي ماهرو ڪيو  مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو ,ان دوران اڳواڻن شعبان ,ڏاهاڻي ,عبدالرحيم, گجراڻي ۽ ٻين چيو ته ڌارين  جي آباد ڪاري  سنڌ کي يتيم بڻائڻ جي سازش آهي , قن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين هنن چيو ته سنڌ ۾ آباد  برمي بنگالي ۽ افغاني مهاجرن خلاف ڪارروائي ڪري نيڪالي ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *