Friday , April 26 2024

عورتن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي قومي اسيمبلي ۾ راڻا ثناءُ الله خلاف ٺهراءَ منظور

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي عورتن خلاف غلط ٻولي استعمال ڪرڻ تي وفاقي وزيرن خلاف گڏيل طور مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو،  اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته عورت ماءُ ۽ ڀيڻ به هوندي آهي، اسان هميشه عورتن جو احترام ڪريون ٿا، جيڪو عورتن جو احترام نٿو ڪري ان جي مذمت ڪيون ٿا. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه بجيٽ تي بحث ڪرڻ کان اڳ راڻا ثناءُ الله ۽ عابد شير علي طرفان عورتن خلاف چيل لفظن وارو معاملو  اٿاريو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر شيرين مزاري عورتن خلاف غلط لفظ ٻولي استعمال ڪرڻ تي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسپيڪر اياز صادق چيو ته عورت ماءُ ۽ ڀيڻ به هوندي آهي، اسان هميشه عورتن جو احترام ڪريون ٿا، جيڪو عورتن جو احترام نٿو ڪري ان جي مذمت ڪيون ٿا.ٺهراءَ بعد اجلاس ۾ خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته وفاقي سرڪار پاران پيش ڪيل بجيٽ غيرآئيني آهي ان کي رد ڪريون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *