Friday , April 26 2024

عوامي مئڊيٽ تي ڌاڙو قبول ناهي چونڊ نتيجا قبول نه ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

پشاور( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ جي ۽ ايم ايم اي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن  جي نتيجن کي مڪمل طور طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين بابت اڄ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مستقبل جو لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويند. مولانا فضل الرحمان، سراج الحق ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ جون هي چونڊون انتهائي بدترين ثابت ٿيون آهن، جنهن ۾ تاريخي ڌانڌليون ڪيون ويون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته، عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آحي، جنهن عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته، اي پي سي جي مان ۽ن  آصف زرداري ميزباني ڪري رهيا آهيون، مونکي پڪ آهي ته اسفنديار ولي خان به اي پي سي ۾ ضرور شرڪت ڪندو. هن چيو ته اي پي سي اسلام آباد ۾ جمعي ڏينهن (اڄ) ٿي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *