Friday , April 19 2024

عمر ڪوٽ جا بااثر سنڌ پوليس کان به زور،نينگري اميشا خاصخيلي بازياب نه ٿي

عمر ڪوٽ (  سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمرڪوٽ پوليس جي تحويل مان گم ٿيل نينگري اميشا خاصخيلي جو معاملو اڃا تائين ڳُجهارت بڻيل آهي، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته پوليس، نينگريءَ جي بازيابي لاءِ بااثر ڌرين کان مدد ورتي آهي، ايس ايس پي عمر ڪوٽ عثمان اعجاز باجوه جو چوڻ آهي ته نينگري جي وارثن جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، رات تائين نينگري واري معاملي ۾ خوشخبري ملندي، جڏهن ته نينگري جي اغوا الزام هيٺ گرفتار جوابدارن جي وارثن چيو آهي ته سندن برادري جي سياسي ساک متاثر ڪرڻ لاءِ سندن نوجوانن کي ڪوڙي الزام هيٺ ڦاسايو ويو آهي. عمرڪوٽ پوليس جي تحويل مان گم ٿيل نينگري اميشا خاصخيلي وارو معاملو اڃا تائين ڳُجهارت بڻيل آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته، اميشا کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پر کيس ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.

علائقي ۾ چئوٻول هلي رهيا آهن ته بااثر ماڻهن کي بچائڻ لاءِ نينگري جي وارثن مٿان راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. ايس ايس پي عثمان اعجاز باجوه چيو ته جاچ دوران اهم اشارا مليا آهن جيڪي بازيابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پر نينگري جي حفاظت خاطر وڌيڪ ڪجهه نٿا ٻڌائي سگهن. هن چيو ته نينگريءَ جي وارثن جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي عمر ڪوٽ چيو ته ڪيس بابت سمورا مونجهارا ختم ٿي ويا آهن، نينگري اميشا جا وارث جاچ مان مطمئن آهن،  اڄ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين خوشخبري ملندي. عثمان اعجاز باوجوه چيو ته نينگري پوليس حراست ۾ نه آهي، الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن کي اڳ ئي معطل ڪري سندن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

عمر ڪوٽ جي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪوثر تحفظ لاءِ پهتل نينگري اميشا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدارن هڪ اسٽامپ پيپر تي وارثن کان ڪوڙيون صحيحيون وٺي کيس گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي ميڊيا ۽ سول سوسائيٽي ۾ گوڙ ٿيڻ بعد معاملي ڪر کنيو آهي. عمرڪوٽ ۾ پلي برادري جي ماڻهن عبدالقادر، روشن پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تين تلوار چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هڻڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي. پلي برادري جي ماڻهن چيو ته نينگري اميشا خاصخيلي جي اغوا جي ڪوڙي الزام ۾ سندن نوجوانن سيف الله ۽ فيض محمد کي ڦاسايو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سندن برادري جي سياسي ساک متاثر ڪرڻ لاءِ ڊرامو رچايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *