Thursday , March 28 2024

عمران خان لاهور ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب پر سندس ”سرپرائيز“ گم ٿي ويو

لاهور (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي  ٽي آءِ لاهور جي مينار پاڪستان گرائونڊ تي سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، عمران خان تعليم، صحت، پوليس کي غير سياسي ڪرڻ سميت 11 نقاطي ايجنڊا پيش ڪري ڇڏي آهي، پر عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن پاران مينار پاڪستان تي سياسي سرپرائيز ڏيڻ وارا اعلان سکڻا اعلان ئي رهجي ويا. عمران خان ڪو به سرپرائيز نه ڏنو ۽ نه ئي ان بابت ڪو ذڪر ئي ڪيو. مينار پاڪستان گرائونڊ تي ٿيل پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ پنجاب، ڪي پي مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ ان بابت دعويٰ ڪئي آهي ته جلسي ۾ 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ اهو جلسو سونامي پلس ثابت ٿيو آهي.

عمران خان پنهنجي 11 نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو ته، حڪومت ۾ اچي سندس پهرين اوليت هوندي ته سڄي ملڪ ۾ تعليم عام ڪري تعليم جو نظام هڪ جهڙو ڪيو وڃي، جيئن غريب ۽ امير ساڳئي تعليم حاصل ڪن ۽ سڀني کي هڪ جهڙا موقعا ملي سگهن. ٻئي ايجنڊا اها هوندي ته فاٽا کي جلد کان جلد ڪي پي ۾ شامل ڪري اتان جي ماڻهن کي به ملڪي وسيلن ۾ هڪ جيترا حق ڏنا وڃن. عمران خان چيو ته، سندس ايجنڊا ملڪ ۾ ٽئڪس جو نظام بهتر ڪري ملڪي معيشيت کي بهتر ڪري پرڏيهي قرض وٺڻ مان ملڪ کي آجو ڪري کنيل قرض واپس ڪيا وڃن. ٽئين پوائنٽ ٽيڪس جو نظام ٺيڪ ڪرڻ آهي، ان سان گڏوگڏ ملڪ مان ڪرپشن جو مڪمل خاتموڪرڻ آهي، جيئن ملڪ ۽ قوم جو ڦرجندڙ ناڻو محفوظ رهي سگهي ۽ ان کي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪجي. عمران خان چيو ته سندس پنجين نمبر تي اها ايجنڊا آهي ته، ملڪ ۾ سرمائيڪاري کي هٿي وٺرائي وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ملڪ ۾ بي گهر يا پنهنجو گهر خريد ڪرڻ يا ٺهرائڻ جي طاقت نه رکندڙ ماڻهن کي پنهنجا گهر مهيا ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 50 لک سستا گهر ٺهرائينداسين،  اٺين ايجنڊا پيش ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچي وفاق مضبوط ڪري سياحت کي هٿي وٺرائي ويندي. عمران خان چيو ته پوليس کي ڪي پي جيان ٻين صوبن ۾ به مڪمل طور تي غير سياسي ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *