Friday , April 19 2024

علي رضا عابدي جو قتل، وزيراعظم نوٽيس ورتو، بلاول ۽ آصف پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل واري واقعي بعد سمورين سياسي ڌرين ۾ ڳڻتي ڇائنجي وئي آهي، پيپلز پارٽي ۽ متحده پاران واقعي کي ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين سياسي اڳواڻن علي رضا عابدي جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي سندن وارثن سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان علي رضا عابدي جي پونئرن سان تعزيت ڪندي لاڳاپيل اختيارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي شهر ۾ امن امان بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته خاص ٽيم جوڙي قاتل گرفتار ڪيا وڃن ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.هن چيو ته شهر ۾ دهشتگردي جا واقعا ڪنهن به ريت برادشت نه ڪيا ويندا، پتو لڳايو وڃي ته ڪير شهر جو امن خراب ڪرڻ چاهي ٿو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، علي رضا عابدي جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.  ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اڄ اسان جو شھزادو اسان کان کسيو ويو آھي، علي رضا نه رڳو ايم ڪيو ايم پر ملڪ جو اثاثو هيو. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته اسان جو قصور ڪهڙو آهي، ڪراچي ۾ ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي. فاروق ستار چيو ته چار ڏينهن اڳ علي رضا عابدي کي ٻڌايو ويو هو ته سندس زندگي کي خطرو آھي پر کيس سيڪيورٽي نه ڏني وئي. وفاقي وزير فواد چوڌري، خواجا اظهار، ميئر ڪراچي وسيم اختر، خالد مقبول صديقي، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين به فيصل رضا عابدي جي وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *