Saturday , April 20 2024

عدالتن ۾ عوامي نمائندن کي مافيا ۽ چور چيو ويندو آهي، برداشت نه ڪنداسين:وزيراعظم

لاهور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عدالتن ۾ عوامي نمائندن کي مافيا، چور ۽ ڌاڙيل چيو ويندو آهي، جيڪو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي؛ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏني ويندي، ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ادارن کي هڪ ٻي جو احترام ڪرڻ گهرجي. حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته، لوڌران جي عوام نواز شريف جي سياست بابت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به عوام اهڙُ ئي فيصلو ڏيندو. سندس چوڻ هو ته عدالتن ۾ عوامي نمائندن کي مافيا چيو ويندو آهي، ڪڏهن چور ته ڪڏهن وري ڦورو چيو ويندو آهي. پارليامينٽ واحد ادارو آهي جنهن جو پنجن سالن بعد احتساب ٿيندو آهي. عدالتي فيصلا دل سان قبول ڪيا ويندا آهن، پارليامينٽ جي فيصلن کي به قبول ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ادارن کي هڪ ٻي جو احترام ڪري آئين موجب هلڻ گهرجي، عدالتون جيڪي فيصلا ڪنديون آهن قبول ڪندا آهيون ڀلي عوام يا تاريخ قبول ڪن يا نه ڪن، پر پارليامينٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت عوامي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته ذاتي انا هڪ پاسي رکي ملڪي مفاد وٽان فيصلا ڪرڻ گهرجن، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، عوامي نمائندا پنهنجي خدمت ڪن يا پنهنجي، ٻئي ڳالهيون هڪ ئي وقت نه ٿيون ٿي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *