Thursday , April 25 2024

عدالتن ۾ ججن آڏو، جهڪڻ جي روايت ختم ڪيو، ڪاراڪوٽ پائي پائي ٿڪجي پيا آهيون: ايڊووڪيٽ انيس جيلاني پاران سوريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

Advocate-s-dress

ھڪ وڪيل عدالتن ۾ انگريز دور جي طور طريقن ۽ ججن جي پروٽوڪول جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري استدعا ڪئي آهي ته ججن آڏو ڪنهن ماڻهو جي جهڪڻ تي بندش هجڻ کپي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي ويڪيشن گھٽائي وڃي، ماتحت عدالتن ۾ ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ رڳو سياري ۾ پائڻ جي اجازت هجي. ايڊووڪيٽ انيس جيلاني رجسٽرار سپريم ڪورٽ، جي رجسٽرا پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد ۽ چئن صوبائي بار ڪائونسلز، سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته 19هين صدي ڌاري گورا راڄ ۾ عدالتن لاءِ جيڪو طور طريقو اختيار ڪيو ويو هو، عدالتون اڄ به انهي تي هلي رهيون آهن، جڏهن ته دنيا تبديل ٿي چڪي آهي انهي ڪري عدالتي وهنوار به جديد انداز ۾ هلڻ گھرجي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي ماتحت عدالتن اندر ايئر ڪنڊيشنز ناهن، سمورو سال گرمي ۾ گذري ٿو، اتي به وڪيل ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ پائي عدالتن ۾ پيش ٿين ٿا، وڪيلن جي ڊريس ماحول دوست هجڻ گھرجي لازمي ناهي ته اهي ڪارو ڪوٽ يا ٽائي پائي اچن، جيڪڏهن ضروري آهي ته اهي سياري جي مند ۾ ڪارو ڪوٽ يا ٽاءِ پائي اچن، جڏهن ته اونهاري ۾ کين اڇي شرٽ پائي اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته ڊريس رڳو وڪيلن جي سڃاڻپ لاءِ لازمي قرار ڏني وئي آهي پر ڪارو ڪوٽ يا ٽاءِ عام بازار مان ملي وڃي ٿي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي عدالتن ۾ جج صبح 8 بجي کان ٽپهري تائين ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته انهن جي سالياني ويڪيشن به هڪ مهينو هوندي آهي، انهي جي ڀيٽ ۾ مٿين عدالتن ۾ جج ڪم به گھٽ ڪلاڪ ڪن ٿا، جڏهن ته ويڪيشن به ٻه مهينا ڪن ٿا، هن ڄاڻايو ته جج مغليه ڪورٽ جي روايتن تي هلندي عدالتن اندر داخل ٿيندا آهن، بهتر آهي ته جج پاڻ هلي ڪورٽ تائين اچي، پاڻ ڪرسي گهلي ويهي ۽ پاڻ وري هليو وڃي، درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي ججن کي گھڻو وقت عدالتن کي ڏيڻ گھرجي، اونهاري جي موڪل ٻن مهينن بدران هڪ مهينو ڪرڻ گھرجي، ججن جي آڏو ڪنهن کي به جهڪڻ جي اجازت نه هجي، ججن جو پروٽوڪول گھٽايو وڃي، ججن کي ماءِ لارڊ بدران سر يا ميڊم ڪري مخاطب ٿيڻ جي اجازت هجڻ گھرجي، اهڙي ريت جج به ڪنهن وڪيل کي ڪونسل ڪري مخاطب ٿيڻ بدران نالو وٺي سگهن ٿا، هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ضلعي عدالتن جو بنا پروٽوڪول دورو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گھرجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *